اسان مقرري تي مختلف حلقن پاران دٻاءُ قبول ناهي ڪيو، مارشل لا نه لڳندي: خواجا آصف

لنڊن(م ڊ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ اهم مقرري تي ڪو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آءِ ايس پي آر جو بيان اسان به ڏٺو  آهي اهو هڪ اهم اشارو آهي، منهنجي خيال ۾ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪجهه نه ڪجه واضح ٿي ويندو، هن چيو ته شهبازشريف ۽ مان بنيادي طور مقرري جي حوالي سان رهنمائي وٺڻ لنڊن آيا آهيون، عمران خان ان معاملي تي تڪرار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، اسان جو دامن ان کان بچي ويندو، مون کي ڪنهن اسٽيج تي وزيراعظم ايڪسٽينشن واري ڳالهه نه ڪئي، هن چيو ته جن ماڻهن عمران خان کي وزيراعظم بڻايو هو انهن جا نالا کڻي انهن تي الزام هڻي رهيو آهي، هو احسان ياد نٿو رکي، هن وٽ چئن حڪومتن جي ذميواري آهي،پرويز الاهي ڪارڪردگي نه پيو ڏيکاري ته ان ۾ وفاق جو ڪهڙو ڏوهه؟ اسان مقرري تي مختلف حلقن پاران دٻاءُ قبول ناهي ڪيو، هن چيو ته ٻه چار ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي جنهن بعد نوازشريف وطن واپس اچي ملڪ کي صحيح راهه تي آڻيندو، منهنجو خيال ناهي ته مارشل لا جو امڪان ناهي، اسان جي فوج اهڙي ڪنهن غيرقانوني غيرآئيني حرڪت نه ڪندي، رڳو عمران خان چاهي ٿو ته مارشل لا لڳي، هن چيو ته اسان کي ته 75 سالن ۾ فوج جي سياست ۾ ملوث رهڻ سان نقصان ٿيو آهي، اسان نٿا چاهيون ته فوج سياست ۾ رهي، هن چيو ته اداري اندريان جيڪڏهن عمران خان معلومات جي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، اسان کي به اندريان کان معلومات ملي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.