ڪراچي ۾ گهر ڊاهڻ جو لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس، جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) ناظم آباد جي  علائقي مجاهد ڪالوني ۾ گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ بابت متاثرن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو. عدالت  مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري، ڊي جي ڪي ڊي اي، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي، ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل، ڊائريڪٽر ڪچي آبادي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.. درخواست گذارن چيو ته مجاهد ڪالوني ۾ انڪروچمينٽ جي نالي تي آپريشن ڪيو پيو وڃي، آپريشن ۾ قانوني گهر ڊاهيا پيا وڃن، رهواسين وٽ گهرن جا قانوني دستاويز موجود آهن.لاڳاپيل کاتن پاران قانوني سرٽيفڪيٽ جاري ڪيل آھن ،لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وڃي ته آپريشن بند ڪري نقصان جو ازالو ادا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.