ثانيه مرزا ۽ شعيب ملڪ وچ ۾ عليحدگي جون خبرون

اسلام آباد(م ڊ) ڀارتي ٽينس اسٽار ٽانيه مرزا ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي ڌار ٿيڻ جو خبرون سامهون اچي رهيون آهن .پرڏيهي خابرو اداري موجب شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا جي شادي 12 سال قائم رهڻ کانپوءِ ختم ٿيڻ جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن.ثانيه مرزا ۽ شعيب ملڪ طرفان اهڙي قسم جي  خبرن جي نه تصديق ڪئي وئي نه ئي ترديد ڪئي وئي آهي، شعيب ملڪ جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مڙس ۽ گهرواري ۾ اختلاف ٿيندا آهن، پر طلاق جون خبرون درست ناهن، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ثانيه مرزا انسٽاگرام تي لکيو هو ته ” ٽٽل دليون ڪيڏانهن وڃڻ؟  الله جي ڳولا ۾ “ياد رهي ته عوامي آواز هلندڙ هفتي شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا جي ويجهن بابت ذريعن وٽان خبر ڏني هئي، جنهن بعد هاڻي وڌيڪ خبرون اچي رهيون آهن ته ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي وئي آهي.ٻنهي  جي شادي اپريل 2010ع ۾ ٿي هئي، شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا جو چئن ورهين جو پٽ آهي جنهن جو نالو ازهان مرزا ملڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.