قمبر ۾ پوليس ڪارروائي، 4 گرفتار، هٿيار ۽ چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

قمبر ( ت ر) قمبر ۾ پوليس منشيات فورشن خلاف ڪارروائي ڪري 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي  ۾ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ  ڪيپٽن (ر) صدام حسين چيو ته مختلف ٿاڻن جي  پوليس ٻن منشيات فروشن سميت چئن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ مجاھد مغيري،آفتاب مگسي،خالد ڪلهوڙو ۽ شير محمد سناڻي شامل آهن. جوابدارن جي قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون ڏيڍ ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

  • سکر هاءِ ڪورٽ سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل رد ڪري ڇڏي

سکر ( رپورٽر  )  سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ نيب ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل رد ڪري ڇڏي احتساب عدالت سکر  اسٽيٽ لائف انشورنس ۾ اڪائونٽنٽ اياز شيخ  کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار اياز شيخ جي اپيل واري درخواست رد ڪري ڇڏي ياد رهي ته جوابدار 7 سال قيد جي سزا پوري ڪري چڪو آهي.

  • پڊعيدن ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل ٻه ڀائرن جو 6 ڄڻن تي ڪيس داخل

پڊعيدن  ( ن ع آ ) زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل ذولفقار آرائين ۽ اصغر آرائين جي قتل جي   ايف آءِ  آر پڊعيدن ٿاڻي تي ڀاءُ رمضان عرف جاني آرائين جي فرياد 6 ڄڻن تي داخل ڪئي وئيايف آءِ  آر  ۾ جاني آرائين اهو ڄاڻايو آھي ته مان ۽ منهنجا ڀائر زمين تي ڪم ڪري رهيا هئا سين ته ڇهه هٿيار بندن اسان تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾  منهنجا ٻه سڳا ڀائر قتل ٿي ويا،فائرنگ ڪرڻ ۾  حبيب الله پٽ بادل بروهي، فقير محمد پٽ حبيب الله,بروهي، نور محمد پٽ حبيب الله بروهي کي سڃاتو آھي ۽ ٽن کي نه سڃاتو آھي، اسان ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ٿا ڪيون ته نوٽيس وٺي جلد کان جلد قاتل گرفتار ڪيا وڃن  ٻئي پاسي ڊي ايس پي نوشھروفيروز يار محمد رند ميڊيا کي ٻڌايو آھي ته تمام ڏکوئندڙ واقعو پيش آيو آھي قتل ٿيل نوجوانن جي وارثن جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي جلد کان جلد جوابدار گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندا ويندا .

  • لاڙڪاڻو اينٽي ڪرپشن ڪورٽ مان جوابدار فوڊ انسپيڪٽر جي ضمانت رد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 22 لک روپين  جي ڪڻڪ ۾ خردبرد واري ڪيس ۾ خوراڪ کاتي جي فوڊ انسپيڪٽر جي ضمانت رد ڪري کيس هٿڪڙيون هڻائي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 22 ڪروڙ روپين جي ڪڻڪ ۾ خردبرد ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد شهدادڪوٽ خوراڪ کاتي جو فوڊ انسپيڪٽر نور محمد جروار ڪالهه لاڙڪاڻو اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ پيش ٿيو جتي عدالت سندس جي ضمانت رد ڪندي کيس هٿڪڙيون هڻائي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي هڪ عملدار رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نور محمد جروار مٿان ٻه مهينا اڳ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڪڻڪ واري گودام مان 22 لک روپين جي ڪڻڪ خردبرد ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيو جنهن ڪيس جي ضمانت لاءِ هن اڄ لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جتي عدالت سندس جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.