اسامه قريشي کي مقابلي ۾ مارڻ جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: علي پلهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هيومين رائٽس ڊفينڊر جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ علي پلهه، ايڊووڪيٽ اندرجيت، حيا ايمان، صوباڀٽي ۽ ٻين ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل پوليس مقابلن کي جعلي قرار ڏيندي عدالتي جاچ جي گهر ڪئي آهي. هنن چيو ته 2 نومبر تي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ميرا اسڪول ويجهو اسامه پٽ محمد دين قريشي کي 13 گوليون هڻي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو، جڏهن ته اسامه کي پوليس هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو. هنن چيو ته مقتول اسامه جي ڀيڻ عائشه موجب سندس ڀاءُ جا مقتولا نينگري زالا جي ماءُ سان ويجها لاڳاپا هئا ۽ هو نشي جي عادي آهي ۽ ان پاڻ پنهنجي ڌيءُ کي ماريو آهي، جڏهن ته منهنجي ڀاءُ اسامه کي ناحق پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. هن چيو ته نينگري جي ڪابه ڊي اين اي رپورٽ جاري نه ڪئي وئي آهي نه ئي پوليس مقتول اسامه جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ پيش ڪري سگهي آهي. هن چيو ته حيدرآباد پوليس هڪ ٻي ڪارروائي ۾ ننڍي ڀاءُ جي عيوضي ۾ گرفتار ڪيل وڏي ڀاءُ پورهيت ۽ ٽي بي جي بيمار ورتل دانش کي پوليس تشدد ڪري 50 هزار رشوت وٺي آزاد ڪيو، جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.