ڪڪڙ لڳ پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي زخمي

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ در محمد ابڙو ۾َ چانڊيا ۽ هنڱورا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آھي  فائرنگ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار هڪ ڄڻو ڪڪڙ جي ڳوٺ دڙا ھنڱورا واسي بخت عرف ڪارو ھنڱورو مرڻينگ ٿي پيو جنھن کي طبي امداد بعد  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو ريفر ڪيو ويو جنھن کي بعد ۾ حيدرآباد نيو ويو آھي آخري اطلاع تائين ڪڪڙ پوليس حمله آورن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي ھوڏانھن ھنڱورا برادرين ۽ وارثن جي ھٿيار کڻي ڪڪڙ ۽ خانپور جوڻيجو شھرن ۾ ڇتي ھوائي فائرنگ ڪرڻ دوران علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو آھي ۽ ڌرين جي ماڻھن ۾  ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آُھي پوليس پڻ پھتل آھي آخري اطلاع موجب واقعي جو ڪيس داخل ن ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.