پنو عاقل واسڻ پسند پرڻو ڪندڙ عورت پنجاب مان اغوا بعد مبينا قتل

پنوعاقل (رپورٽ : رستم انڍڙ ) پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي خان چاچڙ واسڻ 3 ٻارن ماءُ ماروي چاچڙ پھرين مڙس علي ڏنو چاچڙ کان طلاق وٺي 21 آڪٽوبر تي پنجاب عدالت ۾ نوجوان رحيم بخش چاچڙ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد اڄ سندن جي مڙس رحيم بخش چاچڙ الزام ھڻندي چيو آهي ته منھنجي زال  ماروي کي پھريون مڙس علي ڏنو چاچڙ ساٿين سان گڏجي8 اڪٽوبر تي پنجاب مان اغوا ڪري کڻي ويو ھو جنھن کان پوءِ گھر واري جي اغوا واقعي جي بھاولپور ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي هئي، جڏهن ته رحيم بخش چاچڙ الزام ھڻندي وڌيڪ چيوته منھنجي گھرواري ماروي کي اغوا ڪري پنوعاقل ۾ اڳوڻي مڙس قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو آهي ۽گھرواري جي اغوا واقعي ۾ ناري جو پيءُ عبدالستار پڻ شامل آھي ۽ خدشو آھي ته کيس کي قتل ڪري لاش گم ڪيو ويندو ،رحيم بخش چاچڙ وڌيڪ چيوته ته جوابدار مون کي به قتل ڪرڻ چاھن ٿا،  ايس ايس پي سکر ۽ بائجي پوليس مون کي زال موٽرائي ڏين يا قتل ظاھر ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ھوڏانھن موقف معلوم ڪرڻ لاءِ بائجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ليڪن سندس سان رابطو ٿي نه سگھيو پنجاب ۾ ٿيو آهي، ميڊيا ۾ ٻڌو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.