نصير آباد ويجهو روڊ حادثو، نينگر سميت 2 زخمي

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ويجهو ڪار موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويئي، نينگر سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ جاني بند وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ويئي، نتيجي ۾ ڳوٺ جاڙا واھوچا واسي پنج ورهين جو نينگر صداقت پٽ سڪندر واھوچو ۽ شير محمد پٽ نور احمد واھوچو زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد آندو ويو. ھوڏانھن ڪار سوار موقعي تان فرار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.