ڪراچي پوليس جي ڦڙتي، ڦر جي اطلاع تي منٽن ۾ پهچي وئي، 3 ڦورو مارجي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس ڦڙتيءَ جو مظاهرو ڪندي گلبرگ ۾ ٽن ڦورن کي ماري وڌو.

پوليس اڄ صبح گلبرگ بلاڪ 12 ۾ ڊرامائي انداز ۾ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي، پاڙي وارن ٻارن جو گوڙ ٻڌي پوليس کي ڦورو گهر ۾ گھڙڻ جو اطلاع ڏنو ۽ پوليس ڪجهه منٽن ۾ ئي پهچي وئي، جنهن کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

ڦورن گهر ڀاتين کي انساني ڍال بڻائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش به ڪئي پر جنهن گهٽي مان ڦورو فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهئا هئا اتي پوليس اهلڪار اڳ ئي لڪي ويٺا هئا.

پوليس ٽنهي ڦورن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ سلور رنگ جي گاڏي ۾ فرار ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.