اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خامين جو اعتراف ڪري ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته اسان جي عدل جي نظام ۾ ڪيترائي مسئلا آهن.

لاهور ۾ سي پيڪ تي ٿيل ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ثاقب نثار چيو ته مان سڀ کان وڏي اداري جي سربراهي ڪئي، خامين جو اعتراف ڪيان ٿو.

هن چيو ته سي پيڪ جهڙا منصوبا پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندا، سرڪار ۽ بيورو ڪريسي کي سي پيڪ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي پراجيڪٽن سان مختلف رهڻ گهرجي، سي پيڪ جهڙو منصوبو ملڻ نعمت آهي، ان سان پاڪستان ۾ خوشحالي ايندي.

اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته مان چاهيان ٿو ته نوجوان اڳتي اچن ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪن، پاڪستان ايترو اڳتي نه وڌي سگهيو جيترا ٻيا ملڪ وڌيا، چين اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.