انسٽاگرام جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ ڦيرڦار

جيڪڏهن اوهان ج ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر تي انسٽاگرام استعمال ڪريو ٿا ته پوءِ اوهان لاءِ سٺي خبر آهي ته هاڻ وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.

انسٽاگرام طرفان ويب ورجن جي نئين ڊيزائن کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسري هڪ ٽوئيٽ ۾ ان حوالي سان ٻڌايو  ته اسان ڄاڻو ٿا ته ڪيئي ماڻهو انسٽاگرام ويب ورجن استعمال ڪندا آهن ۽ انڪري اسان ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته نئين ڊيزائن استعمال ڪرڻ وڌيڪ سولي هوندي، ان ۾ آئيڪون جهڙوڪ هو، سرچ ۽ ٻين کي سائيڊ ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.

ان سان گڏوگڏ نئين سائيڊ بار کي اسڪرين موجب ايڪسپينڊ ڪري سگهجي ٿو .

هي نئون ڊيزائن هوريان هوريان سمورن واهپيدارن وٽ موجود هوندو ۽ وڏي مانيٽر تي انسٽاگرام کي استعمال ڪرڻ وارو جو تجربو بهتر ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.