ٻوڏ جي تباهي تي ضابطو آڻڻ لاءِ گهربل ۽ دستياب وسيلن ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي:وزيراعظم

شرم الشيخ / اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان بحران تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جا منتظر آهيون، ٻوڏ جي تباهي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل ۽ دستياب وسيلن ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي جڏهن ته پاڪستان موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي ۽ بحالي جي قدمن کي ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ته جيئن بري طرح متاثر آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي بابت اداري جي اهتمام هيٺ ”عملدرآمد جي لاءِ سڀ هڪ“ جي موضوع تي منعقد تقريب کي پاڪستان جي قومي بيانيي جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي گڏيل حڪمت عملي جي لاءِ ٺوس پاليسيز جي عالمي سطح تي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻوڏ سان ملڪ جي چئني پاسي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاربن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو انتهائي معمولي حصو هجڻ جي باوجود اسان اهڙن نقصانن ۾ ورتل آهيون، اسان اهڙن عملن ۽ انسان جي پيدا ڪيل انهن بحرانن کان متاثر ٿي رهيا آهيون جن ۾ اسان جو ڪردار نه هجڻ جي برابر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.