سنڌ ۾ آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ تي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بئنڪ سان ملاقات ۾ ربيع جي فصل لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ تي هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ورلڊ بئنڪ 25 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي ڏيڻ تي راضي ٿي آهي جنهن تي وڏي وزير چيو ته 25 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکندڙ هارين کي به ساڳي ريت رعايت ڏني ويندي. اهڙو اتفاق اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي 13 رڪني وفد جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين جي سربراهي ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. وڏي وزير سان سندس ڪابينا جا ميمبر منظور وساڻ، شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا، امتياز شيخ، مرتضيٰ وهاب، رسول بخش چانڊيو، حارث گزدر، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽري شامل آهن. جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ ريجنل ڊائريڪٽر گوانگزي چن، سيڪٽر گروپ ليڊر عابد الرزاق خليل، پريڪٽس مئنيجر شومڪ راج موهنديراتا، پروگرام ليڊر ٽيوٽا ڪاڪانيڪو، سينيئر انرجي اسپيشلسٽ انجم احمد، ايگزيڪيوٽو اسسٽنٽ وليد انور، سينيئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ حسن افضل زيدي، ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ محمد پراچا، ڊزاسٽر ريسڪ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ بلال خالد، سينيئر سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر، ليڊ ايگريڪلچر اسپيشلسٽ مسٽر اوليويئر ڊيورنڊ، سينيئر واٽر اسپيشلسٽ مسٽر فرانڪوئس اونيمس ۽ ٻيا شامل هئا. سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري چيف کي ٻڌايو ته سندس حڪومت صوبي جي هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ تي 5000 رپيا في ايڪڙ جي حساب سان رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته عالمي بئنڪ اڳ ۾ ئي 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي ڏيڻ تي راضي ٿي آهي ۽ صوبائي حڪومت 25 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي فراهم ڪندي.هن چيو ته ربيع ۾ اسان خاص ڪري ڪڻڪ پوکڻ کي ترجيح ڏني آهي ته جيئن ايندڙ سال ڪڻڪ جي طلب کي پورو ڪري سگهجي. ييلو لائين منصوبي جي روٽ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪنسلٽنٽس کيس موجوده ڄام صادق پل جي انفرااسٽرڪچر جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي ۽ سندن مڪمل مرمت جي سفارش ڪئي آهي جنهن تي اٽڪل 5.3 ملين ڊالر لاڳت ايندي. مراد شاهه چيو ته موجوده ڄام صادق پل جي ڀرسان 4 لين واري نئين پل جي تعمير جي تجويز تي ڪم جاري آهي ۽ ٽينڊر دستاويز منظوري لاءِ ورلڊ بئنڪ ڏانهن موڪليا ويا آهن. ورلڊ بئنڪ جي اجلاس ۽ پروجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي هدايتن تي ڄاڻايل قدم کنيا ويا. وڏي وزير ۽ ورلڊ بئنڪ سان صحت جي سهولتن جهڙوڪ ڊسپينسرين ۽ اسپتالن جي مرمت ۽ بحالي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته تازي ٻوڏ دوران 1000 جي لڳ ڀڳ صحت جون سهولتون جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿيون. ورلڊ بينڪ صحت جي سهولتن جي بحالي لاءِ 40 ملين ڊالر قرض جي آڇ ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.