ابراهيم جويو کي ڀيٽا، جديد سنڌ جي اڏاوت اڻٽر آهي:اديب

ڄام شورو (ڊ ر) سنڌ جي ڏاهي ۽ اديب محمد ابراھيم جويي جي 5 ورسي ملھائي وئي.تاج جويو، مدد علي سنڌي، نصير مرزا، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، علي دوست عاجز، پروفيسر انور منصور، محسن جويو، خالد آزاد وگهيو، مرتضي’ سيال، علي نواز آريسر، زاهد اوٺو، سليم جروار، محمد يوسف جويو ،گلشير ڪوريجو، علي حسن ملاح، محمد علي گھانگھرو ۽ ٻين سنڌ يونيورسٽي  پهچي  محمد ابراھيم جويو جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.  ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي هنن محمد ابراهيم جويو کي لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ لاءِ درس ۽ تدريس جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو، اهو وسارڻ جوڳو ناهي، محمد ابراهيم جويو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت ڪئي پر هن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، محمد ابراهيم جويو پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو شايد ٻئي ڪنهن ڪيو هجي، سندس ڪم عيوض کيس جيتري به ڀيٽا پيش ڪجي سا گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته محمد ابراهيم جويو سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محسن آهي، ان لاءِ اسان تي فرض آهي ته نه صرف محمد ابراهيم جويو پر پنهنجي سمورن محسنن ۽ هيروز کي ياد ڪري کين ڀيٽا پيش ڪيون.هنن چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌ آهي، سندس جديد سنڌ جي اڏاوت وارو خواب ساڀيا ٿيڻ وارو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.