جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ يا نئون آرمي چيف؟ لنڊن ۾ صلاح مشورا تيز

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سال 2022ع جو نومبر مهينو جيئن جيئن پڄاڻيءَ طرف وڌي رهيو آهي تئين تيئن نئين آرمي چيف جي مقرري ۽  موجوده  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ٻيو ڀيرو ملازمت مدي ۾ واڌ ڏيڻ بابت افواهه ۽ اڳڪٿيون طوفان بڻجي ملڪ کي گهيري ۾ آڻي رهيون آهن.، ڇو ته بدقسمتي چئجي يا خوشقسمتي اسان جي سياست ان هڪ مقرريءَ  جيچئوگردگهمندي رهي آهي. جيتوڻيڪ اسٽيبلشمينٽ  واضح طور اعلان ڪيو آهي ته هاڻي هو سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي ماضيءَ  ۾ جيڪي غلطيون ٿيون انهن کي ٻيهر نه ورجايو ويندو. ان دوران جنرل قمر جاويد باجوه کليل لفظن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3  ڀيرا اهم فورمن تي اعلان ڪري چڪو آهي ته هو ٻيهر ملازمت مدي ۾واڌ  نه وٺندو. ان باوجود  به مدت ۾ واڌ وارا افواهه ۽ اڳڪٿيون بند ٿيڻ جو نالو نٿيون وٺن، لنڊن ۾ موجود نامياري  صحافي انيق  ناجي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه جو هڪ مائٽ جنهن کي اهم شخصيت سڏيو وڃي ٿو اهو ۽ جنرل باجوه جا ڪجهه ويجها دوست لنڊن پهتا آهن ۽ ميان نواز شريف  کي مڃرائڻ جي ڪوشش  ڪري رهيا آهن ته جنرل باجوه کي 4 يا 7 مهينن جي ملازمت  مدي ۾ واڌ ڏني وڃي سينيارٽي فهرست ۾ پهرئين نمبر واري جنرل کي عارضي طور وائيس آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي جيڪو جنرل باجوه جي رٽائر مينٽ کانپوءِ آرمي  چيف جي چارج سنڀالي وٺي، ان دوران ڪيترائي جنرل رٽائر ٿي ويندا  انهن کانپوءِ ايندڙن مان وري نئون آرمي  چيف مقرر ڪيو وڃي. جنرل باجوه  کي 4 يا 7 مهينن جي واڌ ڏيڻ سان گڏ مئي ۾ 6 مهينن لاءِ نگران حڪومت جوڙي جيڪا ايندڙ عام چونڊون ڪرائي، نواز شريف کي اهو به چيو ويو آهي ته  جيڪڏهن درست فيصلو نه ڪيو ويو ته موجوده حالتن ۾ مارشل لا به لڳي سگهي ٿي. ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف فوري طور مٿيون فارمولا رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم  شهباز شريف کي مصر کان وطن وڃڻ بدران  لنڊن گهرائي ورتو آهي. جتي ملڪ جي موجوده حالتن جو جائزو ورتو  ويندو ۽ آرمي چيف جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف کي اهو به هدف ڏنو ويندو ته اتحادين کي فيصلي بابت اعتماد ۾ وٺي . ٻئي طرف  نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه الوداعي ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ پهرين الوداعي ملاقات پشاور ڪور سان ڪئي آهي. ان مان محسوس ٿئي ٿو ته جنرل باجوه ملازمت مدي ۾ واڌ وٺڻ نه ٿو چاهي. جڏهن ته نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته هڪ ته جنرل باجوه ملازمت  مدي ۾ واڌ وٺڻ نه ٿو چاهي ٻيو ته مدي  ۾ واڌ جو مطالبو عمران خان جو آهي ان کي نواز شريف ڪڏهن به قبول نه ڪندو ۽  هر صورت ۾ نئين آرمي چيف جي مقرريءَ  کي اوليت ڏيندو.  نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته ساڻس هڪ اهم  سياسي شخصيت شرط رکي آهي ته جنرل باجوه ڪيڏانهن  به نه  پيو وڃي پر بظاهر حالتن مان لڳي نه ٿو ته جنرل باجوه ٻيهر مدت ۾ واڌ جي آڇ قبول ڪندو. شرط کٽڻ  يا هارائڻ جي صورت ۾ ان اهم سياسي شخصيت جو نالو ظاهر ڪندس نامياري صحافي اسد طور جو چوڻ آهي ته  سمورا فارمولا نواز شريف  کي ملي چڪا آهن. حتمي فيصلو لنڊن  ۾ ٿيندو. جنهن بابت شهباز شريف واپس اچي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.