ن ليگ معظم جي وارثن کي 5 ڪروڙ رپيا رشوت جي آڇ ڪئي: شاهه محمود

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي الزام هنيو آهي ته ن ليگ شهيد معظم جي گھر وارن کي ڪيس جو فريادي بڻجڻ لاءِ رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ وارا معظم جي گھر 5 ڪروڙ رپيا کڻي پهتا ۽ کين ڪيس جو فرياد بڻجڻ لاءِ رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ن ليگ معظم جي خاندان کي لالچ به ڏني ۽ ڊيڄاريو، ڌمڪايو پر هو هنن جي لالچ ۾ نه آيا. شاهه محمود  قريشي جو چوڻ هو ته عمران خان تي حملو ڪندڙن کي جنوني چيو ته پوءِ ن ليگ وارا معظم جي گھر ڇو ويا؟ اسان جي ڏنل ٽن نالن تي ڪيس ڪن ٿا، ڀلي جاچ ۾ انڪار ڪن ها. سندس چوڻ هو ته بينظير جي شهادت تي وڌيڪ رد عمل سنڌ ۾ آيو پر عوام هن ريت نه نڪتو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.