ماحولياتي تبديلين تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل سيڙپڪاري جي ضرورت آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد(م ڊ) ماحولياتي تبديلين تي ضابطو آڻڻ لاءِ 2030ع تائين اُسرندڙ ۽ ايمرجنگ ملڪن کي توانائي جي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ کرب ڊالرن جي گڏيل سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته اُسرندڙ ۽ ايمرجنگ معيشتن ۾ گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي تبديلين جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ ماحوليات جي شعبي ۾ نجي سيڙپڪاري اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان حوالي سان 2030ع تائين انهن ملڪن ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ کرب ڊالرن جي گڏيل سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، جڏهن ته 2050ع تائين ٻين مختلف شعبن ۾ 3 کان 6 کرب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.