ملير ۽ سهراب ڳوٺ ۾ مبينا مقابلا، پوليس 2 ڏوهاري هاف فراءِ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا مقابلن دوران پوليس ٻن ڏوهارين کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو  جڏهن ته ٻن موٽرسائيڪل لفٽرن کي گرفتار سندن قبضي مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.رپورٽن موجب ملير جي سکن ٿاڻي جي پوليس پيراڻو ڳوٺ ڀرسان مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو آصف پٽ خادم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان هڪ پسٽل، ٻه عدد موبائيل فون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي.هوڏانهن سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي پوليس سهراب ڳوٺ ڀرسان احسن آباد سروس روڊ تان مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو شهزاد پٽ سوڀو خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار جو هڪ ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جوابدار جي قبضي مان پسٽل ۽ ڦر ڪيل موبائل فون هٿ آيا.ٻئي طرف اورنگي ٽائون ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران ٻن موٽر سائيڪل لفٽر ياسين پٽ ارشد ۽ واسع پٽ خالد کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چوريءَ جي هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي. پوليس موجب  هٿ آيل موٽر سائيڪل مومن آباد ٿاڻي جي حد مان چوري ٿي هئي، جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.