شاهينن ڪيويز کي جهٽي ورتو، پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

سڊني ( اسپورٽس نيوز ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي ستن وڪيٽن تان هارائي فائنل ۾ پهچي ويو . سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرئين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان 152 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي اننگز جي شروعات ۾ شاهين اوپنر فن ايلن کي پهرين اوور ۾ 4 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاور پلي جي پڄاڻي تي ڇهين اوور جي آخري بال تي شاداب ڊيون ڪنوي کي رن آئوٽ ڪري نيوزيلينڊ کي بيڪ فٽ تي وڃڻ تي مجبورڪري ڇڏيو .محمد نواز ان فارم گلين فلپس کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته ڪپتان وليمسن شاهين جو شڪار ٿيو. نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 53 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو جڏهن ته ڪين وليمسن 46 رنسن جي اننگز کيڏي. پاڪستان جي شاهين شاهه زبردست بالنگ ڪندي چئن اوورن ۾ 22 رنسن عيوض ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته محمد نواز جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. نيوزيلينڊ جي 153 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙيندي قومي ٽيم جي اوپنرن زبردست راند جو مظاهرو ڪيو ۽ آئوٽ آف فارم بابر اعظم نيٺ ايونٽ جي اهم ميچ ۾  ففٽي اسڪور ڪري پاڪستان جي ڪاميابي جا بنياد رکيا، هو 42 بالن تي ست چوڪن جي مدد 53 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. محمد رضوان ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي محمد رضوان 57 رنسون ٺاهي بولٽ جو ٻيو شڪار بڻيو جڏهن ته محمد حارث 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. شان مسعود 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو .

فائنل ۾ ڪير به هجي 100 سيڪڙو پرفارم ڪنداسين: بابر اعظم

سڊني (م ڊ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته تنقيد ڪندڙ انجواءِ ڪن، اسان فائنل ۾ پهچي ويا آهيون. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ کانپوءِ ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته اسان پلان ڪري آيا هئاسين ته شروعاتي 6 اوورن ۾ مومينٽم سيٽ ڪنداسين ۽ ان ۾ ڪامياب رهياسين. هن چيو ته  بالرن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، گڏ ويهي فائنل لاءِ پلان ٺاهينداسين، فائنل ۾ ڪير به سامهون هجي 100 سيڪڙو پرفارم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ جي شروعات سٺي نه رهي، ڪرڪيٽ ۾ هيٺ مٿي ٿيندو رهندو آهي، يقين هو ته واپسي ڪنداسين، يقين برقرار رکڻ تي ٽيم مئنيجمينٽ جو ٿورائتو آهيان. بابر اعظم چيو ته اسان ڪاميابي کي انجواءِ ڪري رهيا آهيون، تنقيد مون تي نه ٽيم تي ڪئي ويندي آهي، مون تي تنقيد جو مطلب ٽيم تي تنقيد آهي، تنقيد ڪندڙ به انجواءِ ڪن.  03

وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ٽيم کي سيمي فائنل کٽڻ تي شاباش ڏني آهي. ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته جذبو، عزم ۽ نظم ضبط، ناقابل يقين واپسي، ويل ڊن پاڪستان ٽيم! هوڏانهن  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان ٽيم کي نيوزيلينڊ خلاف سيمي فائنل کٽڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. آرمي چيف جو چوڻ آهي ته بهترين ڪارڪردگي سان سيمي فائنل کٽڻ تي ٽيم پاڪستان کي مبارڪباد، فائنل لاءِ گڊ لڪ، پاڪستان زنده آباد. ڊي جي آءِ ايس پي آر به سيمي فائنل ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي تي هٿياربند فوج طرفان پاڪستان ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. 03

پوري ڪوشش ڪنداسين ته فائنل پاڪستان ۽ ڀارت ۾ نه ٿئي: انگلش ڪپتان

ايڊيليڊ ( اسپورٽس نيو ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي ٻئين سيمي فائنل ۾ اڄ ڀارت ۽ انگلينڊ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، اڄ جو فاتح آچر تي پاڪستان سان فائنل ۾ مقابلو ڪندو. ان سلسلي ۾ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر چيو آهي ته سندن پوري ڪوشش هوندي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت وچ  ۾ نه ٿئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب انگلش ڪپتان جوز بٽلر ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي هڪ سوال جي جواب هن چيو ته اسان يقيني طور تي عالمي ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ نٿا ڏسڻ چاهيون . هن چيو ته اسان سيمي فائنل ميچ جي حوالي سان پرجوش آهيون جيڪا منهنجي خيال ۾ شاندار ڀارتي ٽيم خلاف دنيا جي بهترين اسٽڊيم منجهان هڪ ۾ ٿي رهي  آهي ۽ مونکي يقين آهي ته سٺي نموني ميچ کي سپورٽ ڪيو ويندو. هن چيوته ڀارت ڏاڍي مضبوط ٽيم آهي ۽ ڀارتي ٽيم مسلسل مستقل مذاج آهي، ڀارتي رانديگر لاجواب آهن.

نيوزيلينڊ خلاف فتح کانپوءِ قومي ٽيم جي رانديگرن اسٽيڊيم جو چڪر  ڏنو

سڊني( اسپورٽس نيوز) سڊني ۾ پاڪستان ٽيم هٿان نيوزيلينڊ کي شڪست کانپوءِ ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڪرڪيٽ شوقينن طرفان جشن ملهايو ويو. پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڪيويز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، ڪاميابي کانپوءِ اسٽيڊيم ”دل دل پاڪستان“ جي نعرن سان گونجي پيو، جڏهن ته قومي ڪرڪيٽرن به گرائونڊ جو چڪر هنيو. سوشل ميڊيا تي پڻ قومي ٽيم کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ رانديگرن جي جشن ملهائڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ وائرل ٿي رهيون آهن. 03

عمران ٽوئيٽ ۾  بابر اعظم بدران بابر اعواڻ کي مبارڪون ڏئي وٺو

لاهور( م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪپتان ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان قومي ٽيم جي فائنل ۾ پهچڻ تي مبارڪباد جي ٽوئيٽ ۾ غلطي ڪري ويٺو . عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بابر اعظم جاءِ تي بابر اعواڻ لکي ڇڏيو ۽ بعد ۾ درستگي ڪندي ٽوئيٽ ۾ بابر اعظم جو نالو لکيو.  03

آصف زرداري، بلاول ۽ وڏي وزير پاران به مبارڪون

ڪراچي (رپورٽر ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري پاران ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڪاميابي تي ڪپتان سميت سمورن رانديگرن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اهم ميچ ۾ ڪاميابي پوري قوم لاءِ فخر جو باعث آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه، اسپورٽس کاتي جي اسپيشل اسسٽنٽ ارباب لطف الله، بئريسٽر مرتضي وھاب ۽ ٻين قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. 03

قومي ٽيم کٽي ورتو، قوم پنڊي جو مقابلو به کٽيندي: اسد عمر جو ردعمل

راولپنڊي( م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر سيمي فائنل ۾ پاڪستان جي فتح تي سڄي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن.پنهنجي بيان ۾ اسد عمر چيو ته پاڪستان ٽيم زبردست کيڏي آهي، جيڪڏهن فائنل ۾ ڀارت سان مقابلو ٿيو ته به کٽينداسين.هن وڌيڪ چيو ته قوم پنڊي جو مقابلو به کٽيندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران قومي ٽيم کي  مبارڪباد

راولپنڊي(م ڊ) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن پنهنجي ٽويٽ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سيمي فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. هن فائنل لاءِ ”گڊ لڪ“ سان گڏ پاڪستان زنده باد سان پنهنجو ٽويٽ ختم ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.