ڪشمور ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ريلي، مڪمل اعتماد جو اظهار

ڪشمور (ن ع آ) ڪشمور ۾ قومي امن ڪاميٽي شھري اتحاد ۽ شھري ايڪشن ڪاميٽي طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي  وئي، ڪشمور ان موقعي تي قومي امن ڪاميٽي اڳواڻ رحمت الله چني، امان الله چني، حاڪم علي ڀٽي، راڻي غفار علي، ٽيپو رند ۽ ٻين چيو ته پاڪستان آرمي ملڪ جي سرحدن جي محافظ آهي، پاڪ فوج خلاف ٿيندڙ واويلا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. پاڪ آرمي پاڪستان جو صاف شفاف اڻڌريو ادارو آهي.

  •  پير ڳوٺ ۾ پورهيت جو  ڀاڄائي جي زيادتين خلاف احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ)  پيرجوڳوٺ جي محب علي چوڪ محلي جي رهواسي پورهيت بشير احمد ميمڻ پنهنجي پيرسن امڙ  سميت صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته سندس ڀاڄائي مهوش ميمڻ اسان مٿان ۽ پنهنجي مڙس نويد ميمڻ مٿان تشدد جاغلط الزام لڳائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مھوش ميمڻ کي  نه تشدد ڪيو آهي نه ئي گهران ڪڍيو آهي، هر ڀيري تشدد جا ڪوڙا ڊراما ٺاهي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن اڳ به ٻه ڀيرا پنهنجي مڙس نويد ميمڻ کي بي گناھ گرفتار ڪرائي تشدد ڪرايو هو. هوُ هن وقت پنهنجي بااثر پيءُ ۽ ڀائرن جي چوڻ تي اسان تي  بهتان بازي ڪري رهي آهي. هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

  • پاڪ فو ج زندهه آباد، بدين ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن جي ريلي

بدين (ڊر ) بدين ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ سماجي، سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ريلي  ڪڍي، ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن سميع ڀنڀرر ، غلام علي ۽ ٻين  چيو ته پاڪ فوج جا جوان ملڪ جي بقا لاءِ جان جي قرباني ڏيئي شھيد ٿين ٿا ۽ قوم جي محافظن خلاف ڪنھن به ماڻھو کي ڳالھائڻ جو حق نه آهي ، ھنن پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.