جوهي- دادو روڊ بحال نه ٿيڻ خلاف شٽر بند هڙتال، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو

جوهي (ن ع آ)  گُذريل ٽن مهينن کان ٻوڏ سبب جوهي دادو  روڊ بحال نه ٿيڻ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڏنل ششٽر بند هڙتال ۽ ڌرڻي جي سڏ کي شھرين دڪاندارن ڀر پور موٽ ڏيندي پاڻ مرادو شهر مڪمل بند ڪري  هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي مختلف سياسي سماجي مذھبي ادبي واپاري دڪاندارن 15 کان وڌيڪ تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪن پ پ ايم اين اي رفيق جمالي،  پ پ ايم پي اي صالح شاھ جيلاني، ڊي سي  دادو  خلاف ٽي ايل پي جي اڳواڻ مولوي غلا مصطفي عطاري ، سيد نور محمد شاھ ، غلام قادر لغاري ، حاجي فاروق رند ، خادم باهوٽو ، ڊاڪٽر غلام مصطفي سومرو ، ايم اسماعيل ٿهيم ، هاشم کوسو ، ايڊوڪيٽ اياز رند ، قربان کوکر ، امين لغاري ، امين وگهيو ، اسد الله سرهيو ، جمن ٻٻر ، احمد جمالي ، حيدرسيال ،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جو گشت ڪندي جوهي ناڪي تي پهتا جتي مڇريل شھرين ٽائرن کي باهيو ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيا،   ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٻوڏ کان وٺي هن وقت تائين جوهي دادو روڊ بحال ناهي ٿيو، جنهن سبب جوهي تعلقي جي پوڻا چار لک آبادي پريشان آهي ۽ ٻيڙين وسيلي  اچ وڃ ڪرڻ تي مجبور آهن، ٻئي طرف ٽي ايل پي ۽ شھرين جي ڌرڻي کان پ پ جا چونڊيل نمائنده خوف زده ٿي گوڏاکوڙي ڇڏيا سندن طرفان غلام حسين ٿهيم جي اڳواڻي ۾ وفد ٽي ايل پي جي هنيل ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن ڳالهيون ڪرڻ بعد ڇنڇر تائين جوهي دادو روڊ بحال جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.