ڪراچي جي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جا رهواسي انصاف جا منتظر

گلشن اقبال (ن ع آ) ڪراچي جي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ لاء ڪيل ڪاروائين خلاف متاثرن جو احتجاج 115هين ڏينهن  کان لڳارتار هلندڙ سرڪار متاثرن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءُ نه ورتا غازي ڳوٺ تي ڪاهه ڪندڙ پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف هلندڙ انڪوائري جو موئثر نتيجو سامهون نه اچي سگهيو متاثرن پاران مختلف  سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن سان گڏ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ کي ليز ڪري لينڊ مافيا کان تحفظ ڏيارڻ لاءِ 115هين ڏينهن به پنهنجي جدوجهد کي جاري رکندي احتجاج برقرار رکيو ان موقعي تي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، پروفيسر حنيف ڪانڌڙو،اشفاق عباسي،رمضان بروهي،مرتضي شاهاڻي ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪار هن وقت تائين عبدالله شاه غازي ڳوٺ E بلاڪ کي ڊاهڻ لاءِ لينڊ مافيا سان ملي جعلسازيون ڪندڙ روينيو عملدارن توڙي دهشتگردي جو مظاھرو ڪندي نياڻين مٿان گوليو وسائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف هلندڙ انڪوائري کي سرد خاني حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته متاثرن جي لاڳيتي جدوجهد تي به حڪمرانن جي اڃا تائين ڪن لاٽار جاري آهي سرڪار جي اهڙي بي حسي ڪيترائي سوال پئدا ڪري پئي پر جيستائين عبدالله شاهه غازي ڳوٺ کي ليز نه ڪيو ويندو ۽ ڳوٺ تي ڪاهه ڪندڙ پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو اسان جي پرامن جدوجهد جاري رهندي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نام نهاد ڳوٺ دشمن سسٽم خلاف مظلومن جي جنگ سان جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.