خيرپور ۾ڪرنٽ سبب ٻن ڄڻن جي فوتگي، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

خيرپور (ڊ ر )خيرپور ڀرسان وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڪچي آباديءَ مان بجليءَ جي 11 هزار   وولٽيج تار ۾ لٽڪندڙ ٻه لاش هٿ اچڻ واري معاملي ۾ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، لاشن جي سڃاڻپ پڻ ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

  • مٽياري ۾ پوليس ڪارروائي، وڏي تعداد ۾ چرس هٿ

مٽياري (ت ر)مٽياري ڀرسان انور شاهه ڪوٽ لڳ ڳجھي اطلاع تي ڪارراوئي ڪندي هڪ  ڪرولا ڪار جي تلاشي ورتي وئي، پوليس جنهن مان لکين رپين جو جي ماليت جو ڳجهن خانن مان چرس مليو آهي، پوليس  موجب، ڪار سوار هڪ عورت مسمات بينش اٽڪ واسي ۽ سجاد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جو چوڻ آهي ته اهي اٽڪ کان ڪراچي چرس سپلائي ڪندا آهن.

  • گڏاپ ۾ سهراب ڳوٺ پوليس خلاف ڌرڻو

گڏاپ (ن ع آ) گڏاپ جي علائقي نورخان واسين سھراب  ڳوٺ پوليس خلاف پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو علائقي واسي پلاٽ نمبر 6- 7 – 21-20 گلي نمبر 1 بلاڪ بي نورخان واسي شير محمد يونس خان بخت محمد خالد لال بادشاهه شادي خان دانهن ڏي چيو ته نور خان ۾ هو 25 سالن کان آباد آهن جتي هڪ بلاڪ جو ٿلهو به آهي جيڪو هنن جي روزگار جو وسيلو آهي ڪجهه عرصي کان قبضي مافياوارا پوليس جي سرپرستي ۾ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته هي ٿلهو خالي ڪرايو ٻي صورت ۾ اوهان کي نقصان پهچايو ويندو هنن چيو ته هو هتي ڪيترن ئي سالن کان آباد آهن عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي اسٽي آرڊر به هنن وٽ آهي پر ان جي باوجود پوليس بااثر قبِضي مافيا وارن کي اڳتي آڻي پلاٽ ۽ گهر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سھراب ڳوٺ پوليس جي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.