شهدادپور لڳ حادثو، هڪ پورهيت فوت، ٻيو زخمي

شهدادپور (ن ع آ)  شھدادپور لڳ سانگھڙ روڊ تي سونيا ڪاٽن فيڪٽري وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل سوار فيڪٽري جي گيٽ اڳيان روڊ تي بيٺل ٽرڪ سان پويان کان اوچتو ٽڪرائجي ويا جنھن سبب ڳوٺ لال بخش واسو جو رهواسي موٽرسائيڪل سوارنوجوان زاهد واسو ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽  ساڻس گڏ شاهنواز واسو  سخت زخمي ٿي پيو فوتي ۽ زخمي کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو جتي زخمي کي طبي امداد ڏئي داخل ڪيو ويو۽ فوتي جي مڙھ کي قانوني گهرجون پوري ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي نوجوان  جو مڙه ڳوٺ پهچڻ تي گهر م گهرام مچي ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.