ڦل ۾ نينگري پوليو سبب معذوري واري زندگي گذارڻ لڳي

ڦل (ن ع آ) ڦل ڀرسان ڳوٺ ڪلرو جي 10 سالن جي نينگري پوليو سبب معذوري واري زندگي گذارڻ لڳي پوليو سبب نينگري هلڻ گهمڻ ڦرڻ  کان لاچار سندس پئ شوڪت وڳڻ هارپو ڪري گهر جو گاڏو هلائيندو آهي پر حاليه تباه ڪن برساتن سبب زمينن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري زمينون به آباد نه ٿي سگهنديون ان سلسلي ۾ نينگري جي والد هاري شوڪت وڳڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي تانيه ڪيترن ئي سالن کان پوليو سبب کٽ تي پيل آهي ۽ ڳالهائي به نه ٿي سگهي جڏهن ته منهنجو وڏو پٽ جيڪو 12 سالن جو آهي اهو به دماغي لحاظ کان معذور آهي ۽ ڳالهائي ٻولهائي نه ٿو سگهي جڏهن ته مان  غريب مسڪين هارپو ڪري گذران ڪندو آهيان پر هن دفعي برساتن سبب اڃان تائين زمينون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ ڪري هارپو ڪري گهر جو گاڏو هلائڻ جو به آسرو ناهي جنهن سبب تمام گهڻو پريشان آهيان هن سنڌ سرڪار,مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته منهنجي نياڻي ۽ پٽ جو سرڪاري علاج ڪرايو وڃي ۽ منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن مان پنهنجو پيٽ گذر ڪري سگهان

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.