رائونتي جي ڪچي ۾ شهيد اهلڪارن کي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش

جروار (ن ع آ) رائونتي ڪچي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي سول سوسائٽي جروار طرفان مين چوڪ تي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جنھن ۾ پوليس اهلڪارن شهرين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين ايس ايچ او جروار  صفيع الله انصاري صحافي علي گوهر گبول سڪندر بوزدارخليل گبول جاويد بوزدار ڪي بي منگراھ  امام الدين بوزدار ۽ ٻين  شرڪت ڪئي آھي ان موقعي تي سندن چوڻ ھو ته پوليس آفيسرن ۽ سپاهين عوام جي تحفظ لاءِ جانيون قربان ڪيون آھن انهن کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن عوام خاطر جان جو نظرانو ڏنو آھي ھنن وڌيڪ چيو آھي ته شھيدن جو خون رائيگان نہ ويندو رائونتي ڪچي ۾ آفيسرن ۽ اھلڪارن جي شھادت وڏو سانحو آھي، قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي ھوڏانھن  ايس ايڇ او صفيع الله انصاري ضمير حسين لاکو چيو ته شهيد اهلڪارن جو ڌاڙيلن کان پلاند ڪندا سين ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.