پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي سرڪار ڪا به موٽ نه پئي ڏئي: لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، حورالنساءَ پليجو، نور احمد ڪاتيار چيو آھي تھ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران رسڪ الائونس لاءِ ھلندڙ مسلسل جدوجھد کي سنڌ سرڪار ڪا به موٽ نه پئي ڏئي، ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ گرينڊ ھيلٿ الائينس جي احتجاج تي پوليس تشدد جي جيڪا مذمت ڪجي، سا گھٽ آھي. سنڌ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ ڊڪٽيٽر شپ مڙھي وئي آھي. پنھنجي گڏيل بيان ۾ اڳواڻن وڌيڪ چيو آھي ته ھزارين ينگ ڊاڪٽر، نرسون، ويڪسينيٽر ۽ ٻيو پيرا ميڊڪل اسٽاف سنڌ حڪومت طرفان رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف مسلسل سراپا احتجاج آھن، پر اٽي، لٽي ۽ اجھي جي دعويدار حڪمرانن جي ڪنن تي جونءَ نه نٿي سري. حڪمران ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ٿي ويا آھن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ حڪومت ڪوڙا آسرا ڏيڻ بدران فوري طور تي رسڪ الائونس بحال ڪري. ٻي پاسي ماڪن شاھ رضوي جي پٽ ۽ آرٽسٽ سحر شاھ رضوي جي ڀاءَ پارس شاھ جي وفات تي انتھائي افسوس جو اظھار ڪندي، وارثن سان تعذيت ڪئي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته پارس شاھ جي موت جي صاف شفاف جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.