سيوهڻ واسڻ ناري آراضي واسي سان پرڻو ڪري ڇڏيو

سيوهڻ ( ن ع آ ) سيوهڻ واسي ناري ڪويتا ڌي صيفل شيخ يونين ڪائونسل آراضي واسي سارنگ پٽ جان محمد شيخ سان سيوهڻ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ پريمي جوڙي ملندڙ ڌمڪين خلاف سيوهڻ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان آڏو دانھيندي ناري ڪويتا شيخ چيو تہ آئون مائٽن جي ظلم کان تنگ اچي پنهنجي راز خوشي سان ڳوٺ آراضي واسي سارنگ شيخ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ منهنجو پيءُ صيفل شيخ  منهنجا ڀائر سجاد ۽  سعود شيخ اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن انھن مان اسانکي جاني خطرو آهي. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي زندگيءَ سڪون سان گذاري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.