مقصودو رند ويجھو سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

مقصودو رند(ن ع آ) مقصودو رند ويجھو مقصودو رند ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر ڦيراڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڦيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري علي محمد ڦيراڻي، ڀورو ڦيراڻي ۽ موسيٰ ڦيراڻي زخمي ٿي پيا زخمين کي سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي جڏھن ته علي محمد ڦيراڻي ميڊيا کي ٻڌايو تہ ڀيڻوئي شاهنواز ۽ دلنواز ڀينرن کي گهر ۾ تشدد جو نشانو بڻائن ٿا. روڪڻ تان لکمير سندس پٽ شاهنواز، دلنواز ۽ صدورو حملو ڪري زخمي ڪيو جڏھن ته مقصودو رند پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.