جهول ۾ڳوٺ تي حملو، تشدد، عورت جو حمل زيان، نينگر اغوا، احتجاج

جهول(ن ع آ ) جهول ويجھو ديھ ڌامرکي ۾ ٻن ڀائرن جو زمين تان تڪرار، جهيڙو، ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي. عورت جو ٻن مهينن جو ٻار ضايع، هڪ معصوم نينگر اغوا متاثرين جون پريس ڪلب جهول ۾ صحافين اڳيان دانهون. جهول پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري  ڇڏيو. متاثرين جو  جهول ويجھو ديھه ڌامرکي، ڳوٺ صيفل ڪيريو ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، لٺيون لڳڻ ڪري ريحانا جو ٻن مهينن جو ٻار ضايع، شابانه جو پٽ 3 سالا معصوم علي نواز کي جوابدار اغوا ڪري کڻي ويا، بهرام ڪيريو، ريحانا، شبانا لٺيون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا. بهرام ڪيريو جهول پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مخالفن اسان تي هٿيارن سان ليس ٿي حملو ڪري لٺيون هڻي زخمي ڪيو آهي، لٺيون لڳڻ ڪري منهنجي زال ريحانه جو ٻن مهينن جو ٻار ضايع ٿيو آهي. هنن چيو ته جوابدارن کي بااثرن جي مدد حاصل آهي. هنن چيو ته جوابدار اسان جي گهرن تي قبضو ڪري ويهي رهيا آهن. ايس ايڇ او جهول، جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، پوليس اسان جو ڪيس داخل نٿي ڪري. هنن وزير اعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان گهر ڪئي آهي ته اسان مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان جو ڪيس داخل ڪري زمين ۽ گهرن تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد جي آفيس اڳيان پنهنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.