سراج الحق جي عمران سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق وفد سان گڏ عمران خان سان لاهور جي زمان پارڪ ۾ ملاقات ڪري سندس خيريت معلوم ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن ۾ ملڪي معاملن ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سراج الحق عمران خان جي صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي.

ملاقات کانپوءِ سراج الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي استحڪام لاءِ چونڊ سڌارا ضروري آهن، جنهن کان بنا اليڪشن پهرين ڏينهن کان ئي تڪرار بڻجي وڃي ٿي.

سراج الحق چيو ته هاڻوڪي چونڊون يرغمال ٿينديون آهن جنهن وٽ پئسا هوندا آهن اهو پئسا خرچ ڪندو آهي، اسٽيبلشمينٽ عوام سان واعدو ڪيو آهي ته هو اڻڌريا رهندا، جيڪڏهن اداري پاڻ کي اڻڌريو رهڻ جو اعلان ڪيو آهي ته اسان کي گھرجي ته هڪ طريقيڪار جوڙيون.

سراج الحق جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن ڪمزور هجي ۽ هر ڪو ان کي استعمال ڪري ته احتجاج ٿيندو، اليڪشن ريفارمز بنا ڪا اليڪشن قبول نه ڪنداسين، اسان ان معاملي ۾ متاثر ڌر آهيون، سموري سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪندس، سڀئي پارٽيون حڪومت ۾ شامل آهن ۽ نقصان رڳو عوام جو پيو ٿي.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته هڪ ئي رستو آهي ته اڻڌريون چونڊون ٿين، جيڪڏهن اليڪشن ئي رستو آهي ته ڇو نه ريفارمز تي ڳالهيون ڪري اليڪشن ڏانهن وڃجي، سياسي جنگ کانپوءِ به اليڪشن ئي رستو آهي، ماضي ۾ جڏهن به سياستدان وڙهيا ته مارشلا آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.