ٻارن ۾ فون جي وڌندڙ استعمال کي ڪيئن روڪجي؟

دنيا جي ترقي سان هر فرد ٽيڪنالوجي جو عادي ٿي چڪو آهي پر ٻارن ۾ سمارٽ فون استعمال ڪرڻ به وڌي ويو آهي. سمارٽ فونز مان اليڪٽرو ميگنيٽڪ ريڊيئشن يعني تابڪاري شعائون خارج ٿينديون آهن جنهن سان اسان جا دماغ ۽ جسم تي اثر خطرناڪ ٿيندا آهن.

عالمي صحت ۽ ڪينسر تي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ٻارن ۾ ڪينسر ۾ تيرنهن سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ موبائيل فون ڪينسر لاءِ رسڪ آهي.

رپورٽ موجب ملڪ ۾ موبائيل فون استعمال ڪرڻ وارن جو انگ 14 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي.ٽيڪنالوجي جو استعمال خاموش قاتل بڻجندو پيو وڃي. ٻارن کي انهن خطرناڪ شعاعن کان بچائڻ لاءِ ماهرن ڪجهه اپاءُ ڏنا آهن.

سڀ کان پهريون موبائيل جو گهٽ استعمال ڪيو وڃي جيئن والدين کي ڏسي ٻار ننڍپڻ کان سکن جڏهن ته ٻارن سان وڌ ۾ وڌ وقت گذاريو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڪم نه هجڻ ڪري ٻار فون جو استعمال ڪندو آهي.

ٻارن کي ڪارٽون فون تي نه ڏيکاريا وڃن ڇاڪاڻ ته ڪارٽون ڏسڻ جي عادت ٿي ويندي اٿن، ٻارن کي اهو ٻڌايو وڃي ته موبائيل ضرورت جي شيءِ آهي ان لاءِ رڳو ضرورت وقت استعمال ڪرڻ گهرجي.

فون جو سگنل بند ڪيو وڃي، انهن سڀين انرجي سورس شين جو ٽرن آف ٽائم هجڻ گهرجي.

والدين کي گهرجي فون کي هر وقت هٿ ۾ نه رکن، ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ته ٻار گهڻو ڇا ڏسندا آهن؟ هو اهڙو مواد نه ڏسن جنهن سان سندن ذهنن تي اثر پوي، کين اهڙيون شيون ڏيکاريون وڃن جنهن سان سکڻ لاءِ ملي.

ٻارن کي کائڻ وقت فون نه ڏني وڃي، گهر جي ماڻهن کي کاڌي وقت موبائيل استعمال نه ڪرڻ ڏني وڃي.

هفتي ۾ هڪ ڀيرو هڪ ڪلاڪ لاءِ ٻارن کي موبائيل ڏيڻ جو اصول بڻايو وڃي جڏهن ته هر وقت هرجڳهه تي فون کي سامهون نه رکجي.

وائرليس نيٽ ورڪنگ وڌندي ٿي وڃي ان بابت ٻارن کي آگهي ڏجي. سمهڻ وقت موبائيل فون وهاڻي جي هيٺ نه رکجي جڏهن ته موبائيل فون استعمال ڪرڻ وقت به جسم کان گهٽ ۾ گهٽ ڇهه انچ جي فاصلي تي استعمال ڪرڻ گهرجي.

گهڻو ڪري ماڻهو چارجنگ وقت استعمال ڪندا آهن جڏهن ته ان سان انساني حياتي پڻ خطري ۾ پئجي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.