نيوزيلينڊ خلاف فتح کانپوءِ قومي ٽيم جي رانديگرن طرفان اسٽيڊيم جو چڪر، تصويرون ڏسو

 

سڊني ۾ پاڪستان ٽيم هٿان نيوزيلينڊ کي شڪست کانپوءِ ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڪرڪيٽ شوقينن طرفان جشن ملهائڻ جو سلسلو جاري آهي.

پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڪيويز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، ڪاميابي کانپوءِ اسٽيڊيم ”دل دل پاڪستان“ جي نعرن سان گونجي پيو، جڏهن ته قومي ڪرڪيٽرن به گرائونڊ جو چڪر هنيو.

هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پڻ قومي ٽيم کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ رانديگرن جي جشن ملهائڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ وائرل ٿي رهيون آهن.

واضح رهي ته ميگا ايونٽ جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو ۽ فاتح ٽيم آچر تي پاڪستان سان مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.