ماستري جي خواهشمند عورت ايڊمٽ ڪارڊ تي سني ليون جي بولڊ تصوير لڳائي ڇڏي، ٿرٿلو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ ماستريءَ جي خواهشمند ناري امتحان ۾ ايڊمٽ ڪارڊ تي پنهنجي تصوير بدران بالي ووڊ جي بولڊ اداڪارا سني ليون جي تصوير لڳائي ڇڏي.

ڪرناٽڪ ۾ ٽيچرز جي ڀرتي لاءِ ٿيندڙ امتحان ان وقت ڌيان حاصل ڪيو، جڏهن امتحان ڏيندڙ هڪ اميدوار جي عجيب حرڪت سامهون آئي، هن ايڊمٽ ڪارڊ تي پنهنجي تصوير بدران سني ليون جي بولڊ تصوير لڳائي ڇڏي.

ڪرناٽڪ ايجوڪيشن چيو آهي ته استادن جي ڀرتين لاءِ اها ٽيسٽ 6 نومبر تي ٿي، جنهن ۾ 3 لک کان وڌيڪ اميدوارن امتحان ڏنو، جڏهن ته سني ليون جي تصوير لڳائيندڙ اميدوار کي سخت سزا ڏيڻ لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

هيل تائين ٿيندڙ جاچ موجب جڏهن اميدوار کان ان سلسلي ۾ پڇيو ويو ته هن چيو منهنجو ايڊمٽ ڪارڊ مڙس جي دوست ڀريو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.