صلاحن جي مهرباني، هاڻي ٽوئيٽر هلائڻ جا پئسا ڏيو: ايلون مسڪ

ٽوئيٽر جي نئين مالڪ ايلون مسڪ دنيا جي تنقيد کي پٺتي رکي تجويزن ۽ صلاحن جا ٿورا مڃيا پر گهر ڪئي ته هر مهيني اٺ ڊالر فيس ادا ڪيو.

ايلون مسڪ اپريل 2022 ۾ ٽوئيٽر کي 44 ارب ڊالرز ۾ خريد ڪيو هو جنهن بعد گذريل مهيني 28 آڪٽوبر تي ڪنٽرول سنڀالڻ بعد هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪيو ۽ ويريفائيڊ اڪائونٽس هولڊرز کان هر مهيني في وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ايلون مسڪ جي اهڙن فيصلن تي وڏين شخصيتين مٿس تنقيد ڪئي جڏهن ته هو پنهنجي ضد تي قائم آهي، اهڙي فيصلي بعد مشهور شخصيتن پليٽ فارم ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايلون مسڪ پنهنجي فيصلي تي قائم آهي.

هڪ عورت سوال ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته ڇا هو اها في ادا ڪندو جنهن تي هن جواب ڏنو ته ”سو سيڪڙو“ ان جو مطلب آهي ته هو پاڻ به هرمهيني فيس ادا ڪندو.

ان کانسواءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي ته ڪجهه وقت ٿيو اٿس مالڪ بڻجڻ تي تڏهن به وڏي انگ ۾ واهپيدارن ۾ واڌ نظر آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.