عمران خان تي حملي جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، وزيراعظم جو چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال کي خط لکي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سمورن موجود ججن تي ٻڌل ڪميشن ٺاهي وڃي ۽ ڪميشن پنجن سوالن تي خاص طور غور ڪري سگهي ٿي.

خط جي متن موجب لانگ مارچ جي حفاظت جي ذميواري ڪهڙي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي هئي، لانگ مارچ جي حفاظت لاءِ ڪهڙا حفاظتي اپاءَ ۽ اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجر لاڳو ڪيا ويا؟ ڇا اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز تي عمل ڪيو ويو ؟ حادثي جون حقيقتون ڪهڙيون آهن؟ هڪ کان وڌيڪ شوٽرز جي موجودگي جي اطلاع، جوابي فائرنگ بابت حقيقتون ڇا آهن؟ گڏيل طور تي نشانو بڻائڻ وارن جو انگ، زخمن جي نوعيت بابت حقيقتون ڇا آهن؟

وزيراعظم خط ۾ چيو ته قانون جي حڪمراني جي مفاد ۾ ان درخواست تي عمل تي وفاقي حڪومت ٿورائتي هوندي، ان جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار ڪميشن کي مڪمل مدد فراهم ڪندي، عمران خان جي جلوس ۾ فائرنگ افسوس جوڳي واقعي ملڪ پريشاني واري ڪيفيت جو شڪار آهي، واقعي سان ملڪ امن امان جي بحران جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ ليڊرز زهر اوڳاڇيندڙ تقريرون ڪري رهيا آهن.

وزيراعظم خط ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ميڊيڪو ليگل رپورٽ نه ناهي ٿي، عمران خان کي نجي اسپتال نيو ويو جيڪو قانون پٽاندڙ ميڊيڪو ليگل جو پروسيجر ناهي، جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو شڪ آهي ته پنجاب حڪومت ۽ ان جا ذميوار ثبوتن تي هٿ چراند ڪري سگهن ٿا، جاچ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ وارو طريقڪار اختيارن نه ڪرڻ بدنيتي آهي، وفاقي حڪومت صوبائي انتظاميا کي پنهنجن سنگين خدشن کان آگاهه ڪري چڪي آهي.

وزيراعظم ۾ وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومتن جي سرپرستي ۾ شرپسند نجي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪري رهيا آهن، شرپسند پنجاب جي گورنر هائوس ۽ بين جاين تي پرتشدد حملا ڪري رهيا آهن، رياستي ادارن خاص طور هٿياربند فوج خلاف ڪردار ڪشي جي مهم هلائي پئي وڃي، هٿياربند فوج خلاف بي بنياد الزامن جي ڪريل مهم هلائي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.