عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر قبول ناهي، راڻا ثناءُ الله جي هوندي انصاف نه ٿيندو: شاهه محمود

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو وري عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر کي رد ڪري ڇڏيو .

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان تي ٿيل حملي جي ايف آءِ آر قبول ناهي، ايف آءِ آر متاثرن جي مرضي موجب داخل ٿيڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان تي ٿيل حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري آهي، اسان جو سمورو ڌيان ايف آءِ آر تي آهي، ڇو جو پٽيشنر جي ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس داخل ڪيوويو، جيستائين راڻا ثناءُ الله ويٺو آهي انصاف نٿو ٿي سگهي.

سڀاڻي کان لانگ مارچ جي شروعات وزيرآباد کان ٿيندي ۽ هر صورت ۾ لانگ مارچ پنهنجي منزل طرف پهچندو، اسان جو لانگ مارچ پرامن آھي، ڪنھن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناھيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.