سیڪیورٽي خدشن سبب مڪاني چونڊون ملتوی

ڪراچي (رپورٽر)جوائنٽ صوبائي الیڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سیال ایف این ایف پاڪستان جي سهڪار سان سینٽر فار پیس اینڊ ڊيولپمينٽ انیشیئٽو CPDI تحت رٿيل تقریب "اسٽيڪ هولڊرس ڊائیلاگ” کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سیڪیورٽي خدشن سبب مڪاني چونڊون ملتوی ٿيون، جيڪي شاید اڳتي ٻن حصوں ۾ ٿين۔ اليڪشن ڪميشن پاران صوبي جي رهيل 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊ ٻن حصن ۾ ڪرائڻ جي تجویز غور هيٺ آھي۔ تقریب میں مقررن زور ڏنو ته سنڌ حڪومت مقامي حڪومت جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم ڪري پر اٽلندو مڪاني چونڊ ۾ به دير ڪرائي۔ تقریب ۾ ایم پي ايز، وڪيل اڳواڻن، مڪاني نمائندن، سول سوسائٽي، الیڪشن ڪمیشن جي عملدارن ۽ صحافين موجودہ مقامي حڪومت جي بنیادي ڍانچي، 2013 جي لوڪل گورنمنٽ ایڪٽ ۾ موجود خامین ۽ گهربل ترمیمن تي ڳالھ ٻولهه ڪئي۔ تقريب کي سینیئر سیاستدان ۽ پاڪ سر زمین پارٽي هي اڳواڻ وڪيل سید حفیظ الدین خطاب ڪندي چيو ته سنڌ لوڪل گورنمنٽ ایڪٽ-2013 جي شق نمبر 112 صوبائي حڪومت کي پابند ڪري ٿي ته هو هر چار سالن بعد صوبائي ریونیو مان پي ایف سي ایوارد طئي ڪيل فارمولي تحت مڪاني حڪومتن جي سمورن ضلعن ۾ ورهاست ڪري۔ پر افسوس صوبائي حڪومت پنهنجي ریونیو مان ان ورهاست جي معاملي کي گذريل 15 سالن کان حل ناهي ڪري سگهي۔ جنهن کي جلد از جلد حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۔ پاڪستان مسلم لیگ (ف) جي ایم پي اي شهر یار مھر جو چوڻ آهي ته آئین جي آرٽیڪل 140-A تحت طاقتور مقامي حڪومت اڄ جي دور جي سخت ضرورت آهي۔ سنڌ حڪومت لوڪل گورنمنٽ ایڪٽ-2013 کي عملي شڪل ڏيڻ ئي نٿي چاهي۔ مقامي حڪومت منصوبا بندي ۽ هنگامي مصیبت توڙي ٻوڏ واري صورتحال کي منھن ڏيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندي آهي۔ سنڌ حڪومت ریلیف اینڊ ريهیبلیٽیشن جي ڪم کي هڪ مستحڪم مقامي حڪومت بغیر نٿي ڪري سگهي۔ اڳوڻي وفاقي وزیر سینیئر سیاستدان رضا هارون جو چوڻ هو ته مقامي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لائي آئین ۾ ترمیم گهربل آهي، مقامي حڪومتن کي آئيني تحفظ مليل هجڻ گهرجي۔ هر حڪومت جو ٽيون بنیاد مقامي حڪومت هوندي آهي۔ ڀارت وٽ بهترین مقامي حڪومت جو نظام موجود آھي۔ پاڪستان ۾ به هن نظام تحت مقامي حڪومت کي هلائڻ گهرجي۔ سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڪ یونٽي آف ڪمانڊ جي شدید کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ ڪراچي میٽروپولیٽن ڪارپوریشن وٽ شهر جي بلدیات جو پورو پورو ڪنٽرول هجڻ گهرجي۔ ڪي ایم سي جون حدون ڪراچي جي رڳو 30 سيڪڙو علائقن تي مشتمل آهن۔ آئین جي چوٿين باب ۾ یونٽي آف ڪمانڊ میٽروپولیٽن ۽ ضلعي حڪومت ماتحت بلدیاتي ڪم ڪار جا اختیار آڻڻ لازمي هوندا۔ تقریب کي خطاب ڪندي معاشي ماهر قیصر بنگالي چيو ته ڪراچي جي سول سوسائٽي ۽ سیاسي قيادت کي مضبوط ۽ مستحڪم مقامي نظام آڻڻ لائي سنڌي لیڊرشپ سان ملي ڪم ڪرڻ گهرجي۔ CPDI جي ایگزیڪٽو ڊائريڪٽر مختار احمد علي جو چوڻ هو ته 2013 ۾ ڪراچي یونیورسٽي ۾ مقامي حڪومت ۽ ایڊمنسٽریشن بابت ڊپلوما پروگرام شروع ڪيو ويو هو۔ جنهن کي بنا سبب ٻڌائي بعد ۾ بند ڪيو ويو ۽ داخلائون به روڪيون ويون۔ هن طرح جي پروگرامن کي روڪڻ بجائي ٻين ادارن ۾ توسيع ڏيڻ گهرجي۔ مختار احمد گهر ڪئي ته سنڌ جي صوبائي حڪومت کي ڪمیشن ۽ پي ایف سي ۾ عورتن کي نمائندگي ڏيڻ گهرجي۔ متحدہ قومي موومينٽ جي عورت ایم پي اي منگلا شرما تقریب کي خطاب دوران چيو ته مقامي حڪومت جي اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي پر چونڊون تڪ بنديون ڪرائڻ بعد ئي ٿيڻ گهرجن، منگلا شرما مقامي حڪومتن ۾ عورتن جي نمائندگي تي زور ڀريو. مقامي حڪومت جي مناسبت سان رٿيل تقریب ۾ ڊائريڪٽر سنڌ سروسز ۽ مقامي حڪومت اڪيڊمي عبدالناصر صدیقي چيو ته سنڌ لوڪل گورنمنٽ ایڪٽ-2013 ۾ ترمیم ڪري شڪایت سیل جو آغاز ڪيو وڃي۔ شڪایت سیل نه هجڻ سبب ماڻهن کي مجبوراً وفاقي حڪومت جي قائم ٿيل شڪایت سیل سان رابطو ڪرڻو پوي ٿو۔ این اي ڊي یونیورسٽي جي ڊین پروفیسر ڊاڪٽر نعمان احمد چيو ته جمهوریت مقامي حڪومتن جي بغیر ڪڏهن به ڦَلجي ڦولجي نٿي سگهي۔ مقامي حڪومتون جمهوري ڍانچي جي نرسري هونديون آهن۔ مضبوط فیصلا ڪندڙ، پُرعزم قيادت مقامي حڪومتن مان ئي ايندي آهي۔ تقریب جي آخر ۾ فریڊرڪ نومن فاؤنڊیشن پاڪستان جي برگت لیم جو چوڻ هو ته مقامي حڪومت گهڻي اهمیت جي حامل آهي ڇو ته اهي روزاني جي بنیاد تي ڪم ڪرڻ سان نتيجا ڏيندڙ حڪومت آھي جنهن مان شهري سڌو سنئون جائزو وٺندا آهن پر مقامي حڪومت جي مسئلي کي سمورا اسٽیڪ هولڊر نظرانداز ڪندا آهن۔ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم مقامي حڪومت هر اسٽيڪ هولڊر جي پهرين ترجیح هجڻ گهرجي۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.