ميهڙ ۾ متاثرن جي بحالي ۽ امن امان لاءِ بک هڙتال

ميهڙ (ت ر) ميھڙ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ميھڙ جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ، ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ڪرڻ ، متاثرين جي بحالي ۽ امنامان لاءِ ميھڙ ۾ سڪندر سوڍر، حبيب حضوري، حزب الله ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نيشنل پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي ھنن ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ڪرڻ، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي ھنن چيو آھي ته ٻه مھينا گذري ويا آھن ميھڙ جي سوين ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺو آھي پاڻي نيڪالي لاءِ ڪو به قدم ناھي کنيو ويو ۽ نه وري متاثرين جي واھر ٿي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.