خيرپور عدالت پوليس هٿان کنڀيل ڳوٺاڻي واري معاملي جو نوٽيس ورتو

خيرپور (س ر)خيرپور جي ڳوٺ پٺاڻ مان مبينيٰ گهر ۾ گهري پوليس عملدارن هٿان گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد بعد گهر مان سونا زيور، روڪ رقم، موٽرسائيڪلون، هڪ ڪار، لائسنس واري رائفل ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرڻ بعد گهر ڌڻي حاجي الطاف حسين ولد محمد اياز ڦلپوٽو کي کنڀي غائب ڪرڻ ۽ ٽن ڏينهن بعد مبينيٰ رشوت وٺڻ کان پوءِ ڇڏي ڏيڻ واري معاملي جو خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي پيرڳوٺ کي ليٽر جاري ڪندي کيس سڀاڻي اربع ڏينهن تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.