جوهي مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، روڊ بحال نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

جوهي (رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو)گُذريل ٽن مهينن کان ٻوڏ سبب جوهي دادو  روڊ بحال نه ٿيڻ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي شهرين، سياسي سماجي تنظيمن واپاري  دڪاندارن  پاران  احتجاجي سيد نور محمد شاھ , عبدالطيف پنهور , مهر الله, جمالي انور پنهور, ايس يو پي جي ڪامريڊ غلام قادر لغاري , پي ٽي آءِ جي امين وگيو ,تنوير رستماڻي , ايوب لغاري,قوم پرست اڳواڻ قربان کوکر , پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ايم هاشم کوسو ,ساوڻ فقير ٻٻر, روشن باهوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب فاضل چونڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٻوڏ کان وٺي هن وقت تائين جوهي دادو روڊ بحال ناهي ٿيو, جنهن سبب جوهي تعلقي جي چار لک آبادي پريشان آهي ۽ ٻيڙين ذريعي اچ وڃ ڪرڻ تي مجبور آهن, بيماري بڙيء ۾ دادو, سيوهڻ ۽ حيدرآباد جي اسپتالن تائين نٿا پهچي سگهن, دوڪاندارن هٿرادو مهانگائي ڪري ٻوڏ ستايلن کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي, هنن چيو ته هن سڄي صورتحال ۾ انتظاميه توڙي چونڊيل نمائنده غائب آهن شهر ۽ شهرين کي هٿ وٺي ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي هنن چيو ته هر اليڪشن دوران ووٽ وٺي ڪاميابي ماڻي اسيمبلين جا مزا وٺندڙ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، پ پ ايم پي اي جوهي پير سيد صالح شاھ جيلاني، عور ايم پي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري متاثرين ۽ جوهي جي عوام کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آھي جوهي تعلقي اندر چئن مهينن کان روينيو آفيس پبلڪ هيلٿ ميونسپل ڪاميٽي، روڊس پراوشنل ايجوڪيشن , ٿاڻن تان ڪمداري ڪندڙ عملدار غائب آفيسن جي تالا بندي سبب هزارين شھري متاثرين پ پ جي عوام مخالف پاليسن مان مايوس آھي جڏنهن ته پ پ جا چونڊيل نمائنده هڪ ڏينهن به جوهي شھر ۽ متاثرين ڪئمپن سميت ڪٿي به پاڻ کي ظاهر ناهي ڪيو رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ چند لالچي ڪٽي تي کپڻ وارن جيالن کي اڳيان ڪري عوام ۽ انهن جي مسئلن تان هٿ کڻي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.