پڊعيدن لڳ ڳوٺاڻن تي تشدد، پاڪ ڪتاب کڻي بااثر خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز ( ڊر ) پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ ملو عباس راڄپر واسي پروين راڄپر ۔ فرحانه راڄپر، نذھت راڄپر ۽ ان جو مڙس انور علي علي راڄپر قرآن شريف کڻي نيشنل پريس ڪلب پھتا، جتي ھنن ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته ھي قرآن ڏسي ٿو اسان ڪوڙ نه ٿا ھڻو وڏيري سلطان نلڪي جو پاڻي اسان ڀت ۾ ڇڏيو اسان روڪيو ھو نه مڙيا اسان ايس ايس پي کي درخواست ڏني، سلطان سندس پٽن ذوالفقار علي ۔اظھر علي، انعام الله عامر کي چيو ته ھڻو ھنن کي ڏنڊا هڻو، ھنن ڏنڊا ھنيا مون کي منھن ۾ ڌڪ لڳا منھنجي مڙس جا 2ڏند ڀڄي پيا، ايس ايس پي نوٽيس وٺي انصاف ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.