لاڙڪاڻي ۾ ڪار چوري ڪوشش، پوليس پهتي، ڪار هٿ

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد رسول آباد پاڙي مان صبح سوير نامعلوم چورن شهري مجاهد ڪنڀر جي گهر ٻاهريان بيٺل ڪار گاڏي جا تالا ٽوڙي ڪار ڪاهي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار مالڪ ون فاءِ ۽ حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پوليس پهچي چورن جو پيڇو ڪيو جنهن تي چور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته رسول آباد پاڙي ۾ صبح جي وقت نامعلوم شهري مجاهد ڪنڀر جي گهر ٻاهريان بيٺل ڪار ڪاهي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڪار مالڪ پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو ان تي پوليس چورن جو پيڇو ڪري ڪار هٿ ڪري ورتي جڏهن ته چور فرار ٿي ويا آهن جن کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو.

راڻيپور ۾ عوامي آواز رپورٽر جي والد جو چاليهو، وڏي انگ ۾ قلم ڌڻين جي شرڪت

راڻي پور(ن ع آ)عوامي آواز جي رپورٽر جي والد سينيئر صحافي مرحوم مختيار راڄپر جو چالھيو سندس جي رھائش گاھ تي عقيدت و احترام سان ملھايو ويو، تقريب ۾ وڏي انگ ۾ مرحوم جي مائٽن احبابن سياسي سماجي قلم ڌڻين سندس جي وڏي پٽ صحافي فياض راچپر، پير سيد زبير شاهھ، فرمان علي سھتو فاروق دايو، شڪيل شيخ، گلڻ ڄامڙو، رضا راڄپر علي مردان شاھاڻي، وحيد سولنگي، استاد شوڪت گھانگھرو، الطاف عباسي، جميل ڀٽو، سيد پياس علي شاھه، اشفاق احمد سولنگي، مختيار شاھاڻي، شڪيل ڄامڙو، ڪليم الله ڀٽي، گل خان سرڪي، عبدالشڪور وساڻ، فھيم شاھاڻي، آغا انور علي عباسي قلندر بخش ڄامڙو، ياسين ملڪ، نثار سھتو، سميت ٻيا شريڪ ٿيا.

ٿاڻي بولا خان ۾ زرعي زمين تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

ٿاڻو بولا خان (ن ع آ ) ٿاڻي بولا خان ويجهو ديھه ڪنڊيترائي ڳوٺ خميسو ڏيٿو زرعي زمين جي مالڪي تان ڏيٿا ۽ خاصخلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڌر جا بھرام ڏيٿو، امين ڏيٿو، امير علي ڏيٿو، واحد بخش ۽ سھراب ڏيٿو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو، رابطو ڪرڻ تي زمين جي اصلي کاتيدار مزمل امير بخش خاصخيلي  ٻڌايو ته  خالد ڏيٿو ڪوڙا کاتا ٺھرائي زمين  تي  ناجائز قبضو ڪري ويٺو ھو اسين راڄ ڳوٺ جي ڪري خاموش ھئاسين  کاتا ويريفڪيشن ڪرڻ کان پوء  اصل کاتو اسان جو نڪتو  خالد ڏيٿي واري ڌر جو کاتو ڪوڙو نڪتو اڄ اسان جا ماڻھو پنھنجي ءي زمين تي ڪم ڪري رھيا ھئات  خالد ڏيٿو وارن سندن مٿان حملو ڪيو. رابطو ڪرڻ تي ٻي ڌر خالد ڏيٿو چيو ته ملڪ اسد سڪندر جي مئنيجر مزمل امير بخش خاصخيلي جي چرچ تي  ھٿياربند ماڻھن اسان جي زمين تي حملو ڪري ماڻھن کي زخمي ڪيو آھي. ٻئي پاسي ٿاڻي بولا خان پوليس اسٽيشن تي 7 جوابدارن خالد ڏيٿو، واحد بخش ڏيٿو، بھرام ڏيٿو، امير بخش ڏيٿو، شاھنواز ڏيٿو، ڪالو ڏيٿو، محمد امين ڏيٿو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.