پ پ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ عوام کي مايوس ڪيو آهي:محنتي

نوابشاهه (ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته اسان جي سڀني سرگرمين جو مرڪز ۽ محور الله جي رضا ۽ ملڪ ۾ اسلامي نظام نافذ ڪرڻ آهي، پ پ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ عوام کي مايوس ڪيو آهي انهن جي جدوجهد عوام ۽ ملڪ جي ترقي بدران پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر ڦُرلُٽ جي بازار گرم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ضلع نواب شاه جي نئين چونڊيل امير سُرور احمد قريشي جي تقريب حلف برداري کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي پُرامن جهموري جدوجهد تي يقين رکي ٿي، اسان وٽ هر سطح جي ذميدارن جي چونڊ ٿئي ٿي، ماڻهو مهانگائي، بيروزگاري، بُک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. ان موقعي تي ضلع نواب شاه جي نئين چونڊيل امير سُرور احمد قريشي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. ان موقعي تي ضلعي اڳواڻ سردار احمد آرائين، ڪنور راشد مڪرم، طارق جاويد، مولانا نورمحمد جوڻو، مقامي امير فيصل همايون سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.