شاهه لطيف ۽ شاهه شريف جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي:رياض چانڊيو

گھوڙاٻاري (رپورٽ سيد امير شاهه ڀاڏائي)گھوڙاٻاري! سنڌ جي نامور ڪلاسيڪل شاعر ۽ وحدت الوجودي صوفي سيد شاهه شريف ڀاڏائي جي عرس جي موقعي تي ” شاهه شريف ڀاڏائي ادبي ڪانفرنس ” ڳوٺ سيد علي گوھر شاهه ڀاڏائي ۾ ٿي گذري، ڪانفرنس جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ڪئي، درگاهه جي گادينشين جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي معزز شخصيت سيد نياز علي شاهه ڀاڏائي جسقم جي سينئير وائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي جيئي سنڌ محاذ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام نبي کٽي سياسي سماجي شخصيت سيد سرور شاهه ڀاڏائي شاعر اديب محبوب درس پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ شڪور سارنگ شاعر ايوب درس جسقم اڳواڻ محفوظ سنڌي اشرف جوکيو نادر شاهه ربڏنو شاهه سيد ملوڪ شاهه شبير شاهه سيٺ عبدلعزيز ۽ ٻين خطاب ڪيو. جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ  رياض علي چانڊيو پنھجي صدارتي خطاب ۾ سنڌ جي حالتن تي ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو ته بدلجندڙ حالتن ۾ شاهه شريف ڀاڏائي ۽ شاهه لطيف جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي شاهه شريف ڀاڏائي جي شاعري ۾ بغاوت ۽ ڏاڍ جو انڪار آھي اسان جي صوفي بزرگن ۽ ڪلاسيڪل شاعرن عدم تشدد برداشت رواداري سان گڏ حق جي راھ ۾ جھدوجھد ڪرڻ جو درس ڏنو آھي، محاذ وائيس چيئرمين ۽ درگاهه جي گادينشين سيد نواز شاهه ڀاڏائي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏاڏا سائين شاهه شريف ڀاڏائي ھڪڙو انقلابي شاعر ۽ وطن پرست صوفي ھو.آخر ۾ سنڌ جي ڀلوڙ لوڪ فنڪار عرس چانڊيو جي پٽن دلبر عرس چانڊيو راجا عرس چانڊيو صوفي راڳي فقير عرس مگسي دلدار مگسي عرس ڪارندو ۽ جھوني فنڪار پيرو ملاح پنھجي فن جو مظاھرو ڪري داد وصول ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.