جهڏي ۾ بند پيل اسڪول نه کليا، شاگردن جو مستقبل داءُ تي

جهڏو (ن ع آ) جهڏي تعلقي ۾ ڪرپشن سبب تعليمي نظام رولڙي جو شڪار ٿي ويو، درجنين اسڪول بند ٿي ويا، رشوت عيوض ڀرتي ٿيل نوان استاد من پسند اسڪول حاصل ڪري ورتا. شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ان سلسلي ۾  سياسي سماجي اڳواڻ وسيم راهمون، ديشي نياز کوسي، سارنگ ڀٽي، شعيب سنڌي ۽ ٻين چيو ته ڪامورن چند ٽڪن عيوض ٻهراڙين جي هزارين ٻارڙن جي مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ورهين کان بند پيل ٻهراڙين جا اسڪول مال جا واڙا ۽ وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، نوان ڀرتي ٿيل استاد به رشوت ڏيئي من پسند اسڪول هاصل ڪري ورتا آهن. جنهن جي ڪري بند پيل اسڪول نه کلي سگها آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسڪول کولرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.