عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۽ انسان جي بقا جو سوال

اھا تسليم ٿيل حقيقت آھي تھ سموري ڪائنات ۾ ھي ڌرتيءِ جو گولو ئي سمورن ساھ وارن جي رھڻ جي واحد جاءِ آھي،جنھن کي حضرت انسان پنھنجي شعوري يا لاشعوري ڪوشش ڪندي ايترو تھ نقصان پھچائي چڪو آھي جو ھاڻي ماحول ۽ موسم ۾ پيدا ٿيل بگاڙ سبب سموري نظام جي ناس ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آھي،

دنيا جا ماھر ھن کان اڳ بھ اھڙي خطري بابت آگاھ ڪندا رھيا آھن، انھن کي روڪڻ جي لاءِ ھو وقت بوقت ان جي لاءِ طريقيڪار پڻ واضح ڪندا رھيا آھن پر دنيا جي 8 اربن کي پھچندڙ آبادي جو ھڪ ٿورڙو  حصو ئي ان تي غور ڪيو آھي ۽ ان کان بھ ٿورڙي حصي ماھرن جي ڄاڻايل طريقي تي عمل ڪيو آھي.

ان سلسلي ۾ ھاڻي ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ موسم جي بي رحمي وڌي رھي آھي،جنھن ڪٿي تھ سوڪھڙي کي جنم ڏنو آھي تھ ڪٿي وري سمنڊ پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي سوين ميلن جي زمين کي ٻوڙي ڇڏيو آھي،ڪٿي زيرزمين پاڻي جي سطح لھي وئي آھي تھ ڪٿي وري زمين جي ڌٻڻ سان ڪيترين ئي وسندين جو ھن ھستي تان وجود ئي مٽجي ويو آھي.

خدا جي نائب حضرت انسان جي لوڀ لالچ اھڙي ڪيفيت پيدا ڪئي آھي جو سمورو توازن ئي بگاڙ جو شڪار ٿي ويو آھي،جنھن ڪري ھڪ ئي وقت ھن ڪائنات ۾ موجود سڀني کان سرس سمجھھ رکندڙ اشرف الامخلوق جي درجي کي پھتل خلق جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو آھي.

اھڙن مسئلن ۽ مامرن تي اڳي بھ ويچار ٿيندو رھيو آھي پر ھن ڀيري جڏھن اھو سڀ ڪجھھ انسان جي اڳيان ٿيندي نظر اچي رھيو آھي تڏھن ان تي ويچارڻ جي خيال سان دنيا جي قديم ملڪ مصر ۾ ٿيندڙ ماھرن جي چوٽي واري ڪانفرنس جي اھيمت اڳي کان گھڻي وڌيڪ بڻجي وئي آھي.

مصر جي مشھور شھر شرم الشيخ ۾ دنيا جي ملڪن جا اڳواڻ ۽ عالمي ادارن جي ماھر ،دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ماحوليات اسڪالرز شرڪت ڪن پيا.جنھن ۾ ان بابت ويچاريو پيو وڃي تھ انسان جي وجود کي بچائڻ جي لاءِ فوري ۽ جوڳا قدم نھ کنيا ويا تھ شايد ھي ھن ڌرتيءِ تي انسان جي لاءِ آخري صدي ثابت ٿئي.

پاڪستان جئين تھ تازو ئي موسم جي بي رحمي جو شڪار ٿيو آھي،جنھن ڪري اھا ڪانفرنس اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ماڻھن جي لاءِ ٻين کان گھڻي اھميت رکي ٿي.

عالمي ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو ويو تھ موسمياتي تبديلين سبب سڄي دنيا ۾ رڪارڊ ٽوڙ برساتن، طوفانن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ان حوالي سان گڏيل قومن طوفانن جي خبرداري لاءِ گلوبل ارلي وارننگ سسٽم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.جنهن تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي COP27 ڪانفرنس جي موقعي تي هن چيو ته 5 سالن جي منصوبي تي 3 ارب  ڊالر لاڳت ايندي.گڏيل قومن جي ماھرن آگاھ ڪيو تھ جن ملڪن ۾ ناقص انفراسٽرڪچر  آھي يعني جتي معيار جو خيال نھ رکيو ويو آھي اتي سراسري طور تي قدرتي آفتن جو ٻين جي ڀيٽ ۾ 8 ڀيرا وڌيڪ آھي.عالمي ڪانفرنس ۾ 197 ميمبر ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن، پهريون ڀيرو موسمياتي تبديلين جي اثرن کان متاثر غريب ملڪن کي معاوضو ڏيڻ جو معاملو ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جنھن سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪابينا جو ھڪ وفد به گڏ آھي،جنهن جو مقصد پاڪستان جو اھم ڪيس ماحولياتي انصاف آڏو پيش ڪرڻ هو ،جنھن ۾ دنيا اھو تسليم ڪري ٿي تھ جيڪي ڌريون عالمي ماحوليات جي بگاڙ جوشڪار آھن اھي نقصان سھندڙ ملڪن توڙي آبادين،علائقن کي نقصان ڀري ڏيڻ جون پابند آھن،جنھن ۾ متاثر ملڪن تان معاشي بار لاھڻ جو بھ اھم اسم آھي.ان دوارن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان کي هن وقت مدد جي ضرورت آهي، تازين قدرتي آفتن جي سبب متاثر ٿيل ماڻھن کي ٻيھر آباد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي وڏي پئماني تي فنڊز جي ضرورت آهي، اها ڪميونٽي جي ذميواري آهي تھ اھا پاڪستان جي مڪمل مدد ڪري، گڏيل قومن جي اھم اڳواڻ جي اھڙي ڪوشش سان يقينن ان جا بھتر نتيجا سامھون ايندا..

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ايتري قرض ۾ رليف نه ملي سگهيو. جيترو ملڻ گهرجي ها، پاڪستان امداد جو مستحق آهي، پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي.

انتونيو گوتريس چيو ته هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي جذبي جو جيڪو مثال هن پاڪستان ۾ ڏٺو ان جو مثال عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته هو وڏي پيماني تي پاڪستان جي مدد ڪري.جيئن موجود ڪيفيت مان نڪري سگھي.

هن چيو ته پاڪستان وچولي آمدني وارو ملڪ آهي پر ان کي قرضن ۾ رليف جو فائدو نه مليو آهي، عالمي مالياتي ادارن  جي _20 پاڪستان کي وچين آمدني وارن ملڪن لاءِ قرضن ۾ رليف لاءِ ميڪنزم ٺاهڻ گهرجي، مالياتي نظام تي نظرثاني جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان کي قرضن ۾ رليف ملي سگهي، گڏيل قومن پاڪستان سان گڏ بيهڻ ۽ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي ڪئي آھي،

پاڪستان پاران گڏيل قومن جي اھم ڪانفرنس ۾ شرڪت سان ھاڻي اھا اميد پيدا ٿي آھي تھ ان جا بھتر نتيجا نڪرندا جيئن ٽين دنيا جو ھي ملڪ قدرتي آفتن سببب رسيل نقصان کي منھن ڏيڻ جي سگھھ ساري سگھي.اھا پڻ توقع آھي تھ ھن ڪانفرنس ۾ ماھرن جي ڏنل صلاحن تي عمل ڪندي دنيا ۾ ماحولياتي بگاڙ جو سببب بڻجندڙ  عملن کي رڪڻ ۾ مدد ملندي جيئن آھستي آھستي انسان سموري انسانيت جي لاءِ سوچڻ شروع ڪندو،ان سان ئي ھن ڪائنات ۾ سمورن انسانن جي ھن واحد گھر ڌرتيءِ کي بچائي سگھبو، ان سان ئي اسان دنيا ۽ ڪائنات ۾ پنھنجي لاءِ پنھنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ڪجھھ ڪري سگھنداسين،ٻي صورت ۾ جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي ان سان ھن ڌرتيءِ جي وجود سان گڏ انسان جو وجود بھ خطر ي ۾ آھي،جنھن کي ٻئي ڪنھن بھ طريقي سان بچائڻ ممڪن نھ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.