رانوتي پوليس سانحو ۽ سنڌ حڪومت تي سواليه نشان

احمد پتافي 

گھوٽڪي جي ڪچي رانوتي جي علائقي ۾ گذريل آچر واري رات سنڌ پوليس جي اهلڪارن سان ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو آھي، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو ڏوھن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ  ھڪ ڪاميٽي جوڙي ھئي جنھن ۾، ڊي ايس پي اٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر، ايس ايڇ او کينجھو دين محمد لغاري کي شامل ڪيو، ميڊيا جي رپورٽ مطابق ھي ڪاميٽي جا ميمبر  رانوتي جي ڪچي ۾ راحب شر جي گھر ۾ قائم پوليس چوڪي تي صادق مھتاب ۽ شھباز پنھور کي بازياب ڪرائڻ لاءِ  ويا ھئا، جتي ٻه سئو کان مٿي ڌاڙيلن چوڪي جو گھيرو ڪري پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جي جوانن سان ڏکائيندڙ الميو ٻڌي پوري سنڌ ۾ سوڳ واري صورتحال آھي ھر اک آلي آھي.

سنڌ پوليس جي اهلڪارن مٿان ھي پھريون واقعو ناھي اڳ ۾ به سنڌ پوليس جي اهلڪارن مٿان قاتلاڻا حملا ٿيندا رھيا آھن، ٻه ٽي سال پھريان گھوٽڪي پوليس رانوتي جي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو جنھن ۾ ايس ايڇ او حسن ڪولاچي شھيد ٿي ويو ۽ ڪجھه سپاھي به زخمي ٿي پيا ھئا، جون 2019ع ۾ شڪارپور پور جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڌاڙيلن خلاف ريٽ ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او غلام مرتضي اي ايس آءِ ذولفقار شھيد ٿي ويو ۽ ٽي پوليس اھلڪار به زخمي ٿي پيا ھئا، انھي واقعي کان پوء شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪمانڊو پوليس آپريشن ڪيو پر ڪشمور جي ڪچي مان ڌاڙيلن جي بادشاھي ختم ڪرائي نه سگھيا،گذريل سال ڪشمور جي ڪچي واري  علائقي ۾ ڌاڙيل پوليس جي اي پي سي مٿان حملو ڪري جوانن کي شھيد ڪري ڇڏيو ۽  ڌاڙيلن اي پي سي کي پنھنجي قبضي ۾ ڪري سوشل ميڊيا ۾ تصويرون به شيئر  ڪيون.

رانوتي واري سانحي جي حوالي سان  ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو  بيان جاري ڪيو آھي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ  اسان وٽ جديد ھٿيار نه ھئڻ جي ڪري ھي واقعو پيش آيو آھي، ھتي سوال ھي آھي ته ڇا سنڌ سرڪار وٽ ايتري بجيٽ به ناھين جنھن مان سنڌ پوليس جي جوانن کي جديد ھٿيار خريد ڪري ڏنا وڃن جيئن پوليس فورس جا اھلڪار پنھنجو دفاع ڪري سگھن؟ جيڪڏھن سنڌ پوليس کي جديد ھٿيار  نه ملي سگھندا ته پوءِ اسان جا جوان عوام جو ۽ پنھنجو دفاع ڪيئن ڪري سگھندا ؟ جيڪڏھن سنڌ حڪومت جي اھا پاليسي رھي ته  سنڌ جي ڪچي يا پڪي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ ختم ٿيڻ مشڪل آھي ڌاڙيلن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رياستي ادارن جو به ھٿ ٿي سگھي ٿو جيڪڏھن ايئن ناھين ته ڌاڙيلن وٽ جديد ھٿيار راڪيٽ لانچر گولا ڪيئن پھچندا آھن، ڪو ته آھي جيڪو ڌاڙيلن کي ڪچي ۾ جديد ھٿيار سپلاءِ  ڪري رھيو آھن، سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ تمام پراڻو آھي، ضياءُالحق جي زماني ۾ ڌاڙيلن کي مضبوط ڪيو ويو،

پر گذريل مھيني ڏوھن جي بادشاھ سلطو شر جو پوليس مقابلي ۾ مارجڻ بعد گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوھن جو سلسلو تيز ٿي ويو آھي. ڌاڙيل پوليس جي رٽ کي چيلينج ڪندا رھيا، ڏوھارين طرفان ويڊيو بيان به جاري ٿيندا رھيا، ته اسين سلطو شر جو پلاند وٺنداسين، 5 نومبر آچر واري رات ڌاڙيلن وڏو ظلم ڪري رانوتي جي ڪچي ۾ پوليس جي جوانن کي شھيد ڪري ڇڏيو، انھيءَ واقعي ۾  ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو صاحب ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته ڌاڙيلن پوليس جي جوانن  مٿان راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو، ڏوھارين پوليس مٿان 20 کان 25 راڪيٽ لانچر فائر ڪيا جنھن جي ڪري اسان جا 3  آفيسر 2 پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويا آھن.

افسوس ته ھن دور ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد ھٿيار آھن ۽ پوليس کي پراڻا ھٿيار ڏنا ويا آھن، جنھن جي ڪري سنڌ پوليس ۾ رانوتي جھڙا واقعا رونما ٿي رھيا آھن، صرف ڪچي جا ماڻھو ڏوھاري نه آھن پڪي ۾ رھندڙ به ڏوھاري آھن جيڪي ماڻھن کي اغوا ڪري ڪچي جي ڌاڙيلن کي وڪرو ڪري ڇڏيندا آھن، پڪي کان ڪچي تائين ڏوھارين جي ھڪ ڊگھي چين ٺھيل آھي، جنھن جي ڪري ماڻھو اغوا ٿيندا رھندا آھن، شڪارپور، سکر، ڪشمور، گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ قبائلي جھيڙا به هلندڙ آھن، جنھن جي ڪري پوليس کي ڏوھارين خلاف آپريشن ڪرڻ ۾  ڏکائي پيش ايندي آھي.

ڪچي جو علائقو تمام وڏي ايراضي تي ٻڌل آھي ڪچو درياهه جي کاٻي طرف کان پنجاب کان شروع ٿئي ٿو، گھوٽڪي،  سکر، خيرپور کان به اڳنا تائين پکڙيل آھي ۽ درياگگ جي ساڄي پاسي پنجاب کان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪار پور، سکر، لاڙڪاڻو سيوڻ دادو تائين ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا موجود آھن، جتي پوليس پھچي ئي نٿي سگھي پوليس فورس وٽ اھڙيون سھولتون ئي ناھن جنھن سان پوليس اھلڪار ڪچي جي ڌاڙيلن جو مقابلو ڪري سگھن، ڪچي اندر دريا جي ٻنھي پاسن کان تمام گھاٽا وڻ آھن جتي عام ماڻھو پھچي به نٿو سگهي، ڪچي جي علائقي ۾ دريا جا ننڊا ٻيٽ ٺھيل آھن جتي ڌاڙيل  ڌرتي ۾ مورچا ٺاھي رھائش پزير آھن، ڪچي ۾ رھندڙ سڀ ماڻھو ڌاڙيل به نه آھن، ڪجھه ماڻھو مال جي چاري لاءِ  يا سرڪاري زمينون آباد ڪرڻ لاءِ  رھائش ڪندا آھن ھاڻي ڪچي جي ڏوھارين خلاف آرمي رينجرس جي موجودگي ۾  سخت ڪريڪ ڊائون ٿيڻ گھرجي ڪچي جي ڏوھارين سان گڏ پڪي تي رھندڙن ڏوھارين جي سرپرستي ڪندڙ خلاف به ڪريڪ ڊائون ٿيڻ گھرجي، ڌاڙيلن جي چنبي ۾ ايندڙ مغوي پوليس آفيسر آزاد نه ڪرائي سگھندا آھن پر علائقي ۾ رھندڙ سياسي وڏيرا ڪجھه گھنٽن اندر ڌاڙيلن سان ڊيل ڪري مغوين کي آزاد ڪرائي ايندا آھن.

جڏھن ڏوھارين ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ اي پي سي مٿان حملو ڪري پوليس اھلڪارن کي شھيد ڪري ڇڏيو ان کان فوري بعد ايس ايس پي ڪشمور تيغو خان تيغاڻي کي ڏوھارين جي ساٿاري چئي گرفتار ڪري ڇڏيو، ان کان پھريان ھڪ ايس ايس پي ڪشمور تيغو خان تيغاڻي کي علائقي ۾ امن جو ايوارڊ به ڏنو، جيڪڏھن واقعي اھڙا سردار ڏوھارين جي سپورٽ ڪري رھيا آھن ته انھن جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، پر افسوس حڪومت ۾ ويٺل اھڙا وڏيرا ئي آھن جيڪي ڌاڙيلن جي سپورٽ ڪري سنڌ پوليس جي رٽ کي چيلينج ڪندا رھندا آھن، نتيجي ۾ پوليس فورس ناڪام ٿي پنھنجو نقصان ڪري موٽي ايندي آھي، نه صرف ايترو پر پوليس ۾ ويٺل ڪجھه اھڙا فرد به ھوندا آھن جيڪي اداري کي ڪمزور ڪري پوليس کي نقصان ڏيندا رھندا آھن اھڙن ماڻھن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گھرجي جيڪي فورس جي اندر رھي ڪري ڌرتي جي امن کي خراب ڪندا رھندا آھن جنھن جي ڪري رانوتي جھڙا واقعا پيش ايندا آھن.

رانوتي پوليس سان ٿيندڙ سانحو ڏکائيندڙ آھي، گھوٽڪي پوليس جي ڪجھه آفيسرن جي غلط پاليسي سبب رانوتي واقعو پيش آيو آھي، سلطو شر جي قتل بعد پوليس آفيسرن کي محتاط رھڻو ھو، ڇو جو ڪچي جا ڏوھاري پوليس کي واضح بيان موڪلي رھيا ھئا ته اسين پوليس جو نقصان ڪنداسين پر ان جي باوجود گھوٽڪي پوليس جا اعلي آفيسر احتياط کان ڪم نه ورتو نتيجي ۾ ھي وڏو واقعو پيش اچي ويو، رانوتي سانحو ھڪ سازش تحت ٿيو آھي ڏوھارين وڏي پلاننگ سان حملو ڪيو، ايس اسي پي گھوٽڪي تنوير تنيو ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي چوڪي تي حملو ڪندڙ ڌاڙيل سون جي تعداد ۾ ھئا، ان جو مطلب ڏوھارين ھڪ ڏينھن ۾ ھي پلاننگ نه ڪئي ھوندي.

اسان چئون ٿا شھيد ٿيندڙ آفيسر ۽ اھلڪارن جي خون سان انصاف ٿيڻ گھرجي، جيڪڏھن سنڌ سرڪار ايئن خاموش تماشو ڏسندي رھي ته عوام جي محافظ ادارن جو نقصان ٿيندو رھندو، گذريل ڏينھن آءِ جي غلام نبي ميمڻ شھيدن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ  گھوٽڪي پھتو ان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو جيڪڏهن سنڌ حڪومت پوليس کي ريسورس ڏنا ۽ علائقي واسين سچائي سان پوليس فورس جو ساٿ ڏنو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڪرائم ختم ٿي سگھي ٿو، ڪچي جي علائقي ۾ رستا نه ھئڻ جي ڪري پوليس کي آپريشن ڪرڻ ۾ تمام ڏکيائي ٿئي پئي، گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن لاءِ  سي ايم صاحب سان به ڳالهھ ٻولهھ ٿي آھي ان به بھترين موٽ ڏني آھي انشاءَ الله ڏوھارين خلاف جلد آپريش ڪيو ويندو فتح سنڌ پوليس جي ئي ٿيندي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.