عمران خان جا سياسي  صلاحڪار ۽ ملڪي سياست

مسرور سيال 

ان ڳالھه ۾  ڪوبه شڪ  ناھي ته ھن وقت جيڪا عمران خان سياست ڪري رھيو آھي اھا وڏي سياسي رسڪ آھي جيڪا کيس ھيرو مان زيرو به ڪري سگھي ٿي ته وري ھيرو مان ناياب به بڻائي سگھي ٿي . مونکي اھا خبر ناھي ته اھڙي خطري جي صلاح کيس ڪھڙن صلاحڪارن ڏني آھي ۽ اھا به پڪ سان راءِ رکي سگھجي ٿي ته اھڙا صلاحڪار ڪي سياسي سوچ رکندڙ به نٿا ٿي سگھن . جيڪڏھن سياسي سوچ رکندڙ ھجن ھا ته عمران خان جي سياسي گاڏي رستي ۾ ئي ڦاٿل ھجي ھا جو صرف گاڏي ڪڍڻ ۽ پاڻ بچائڻ جي چڪر ۾ لڳي وڃي ھا . ڏسجي ته ھي سڀ ڪجھه ھڪ اڳواٽ جڙيل پلان ھيٺ ٿي رھيو آھي ، ھاڻي پلان جا ڪيترا حصا ۽  مرحلا آھن اھا انھن کي ئي خبر جن پلان جوڙيو آھي.

منھنجي نظر ۾ عمران خان  کي ھار تسليم ڪرڻ يا جلد ڳالھين جي ميز تي اچڻ کان روڪيو ويو آھي . ھن جون ڳالھيون حڪمرانن سان نه  پر کائنس اقتدار تان ھٽائيندڙ  ۽ مخالفن کي اقتدار ۾ آڻيندڙ سان ئي ڪرڻيون آهن . چونڊن جي تاريخ وٺڻ وارو مطالبو ڪو خاص ناھي پر ھن مطالبي ۾  خاص ڳالھه لڪيل ضرور  آھي !  جنھن جي پڪ کيس وٺڻي آھي .

ڀل ته آرمي چيف جي مقرري به  ٿي وڃي جنھن ۾ عمران خان جي خواھش جو احترام به نه ھجي تنھن ھوندي به اصل اقتدار ڌڻي ھن کي صفا نظرانداز به نه ڪندا ، ان جا مثال ماضي ۽ حال ۾ به موجود آهن ۽ تازو مثال ته نواز شريف ۽ سندس جماعت ن ليگ جو آھي جيڪا به سرعام ۽ کليل لفظن ۾ تنقيد ڪندي رھي ايتري تائين جو جيئن اعلان جنگ ھجي  جن لاءِ به اھو قياس ڪيو پئي ويو ته ن ليگ ھاڻ ڪڏھن به اقتدار ۾ نٿي اچي سگھي شريف خاندان ته سياست مان ئي ڪلٽي ٿي ويندو پر ھي سڀ اندازا غلط ثابت ٿيا سندن جھڙيندڙن سان ويجھڙائي به ٿي وئي ته وري کين اقتدار به ملي ويو ۽ اھو به لاڏلي کان کسي کين ڏنو ويو .

ھن وقت عمران خان لاڏلي واري لسٽ مان خارج ته ناھي پر گھڻي لاڏلي ھجڻ واري سوچ کان کيس ٻاھر رکڻ ۽ لاڏلي جي حيثيت ۾ حدون اورانگهڻ واري سيکت ملڻ جي مرحلي مان گذاريو رپيو وڃي  . سندس "حقيقي آزادي لانگ مارچ ” ھڪ مرحلي ناڪامي کان پوءِ ٻئي مرحلي وارو به اميد کان گھٽ شرڪت سان جڏھن وزيرآباد پھتو ته فلمي انداز جيان  رڪجي ويو . ۽ ھڪ سين ڏسڻ وٽان مليو  ! "حملو ٿيو ھڪ ڪارڪن مارجي ويو ، عمران خان زخمي ٿيو اسپتال پھتو فرسٽ ايڊ ٿي ساڳي سياست نه رڪي زخمي عمران خان پنھنجي شوڪت خانم  اسپتال ۾ زير علاج رھيو ، پنجاب پوليس حملي آور کي گرفتار به ڪري ورتو اعترافي بيان به وائرل ڪيو ويو ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگھي . عدالت جو در کڙڪائڻو پئجي ويو عدالتي سوال تي آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته ايف آءِ آر تي پنجاب حڪومت کي خدشا ھئا جنھن ڪري روڪيو ويو . ھوڏانھن عدالتي حڪم تي پنجاب پوليس سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آھي” .

لانگ مارچ دوران ھي سين پنھنجي اختتام تي پھچڻ کان پوءِ ھاڻ وري ساڳي جاءِ تان قافلو روانو ٿيندو . ھاڻ وارو قافلو پاڻ سان گڏ شھيد ڪارڪن جي قتل جي قصاص ۽ زخمي قيادت سان انصاف وارو  مطالبو کڻي نڪرندو . پلان موجب اڳتي ڪھڙا  سين آھن اُھي ايندڙ ڏينھن ۾  نظر ايندا ، باقي راڻا ثناالله جي نظر ھن قافلي تي ضرور آھي جو شايد ھو ھن کي روڪي ته نه سگھي پر بي اثر بنائڻ ۾ پنھنجي قابليت ۽ گھرو وزير ھجڻ  جو تجربو ڪتب آڻيندو ان ڪري به ته ھوڏانھن عمران خان جو لانگ مارچ ۽ ھيڏانھن وفاقي گھرو وزير راڻا ثناالله آھي . جيتوڻيڪ ملڪ مني حصي مطلب پنجاب ۾ پرويز الاهي جي حڪومت آھي جيڪا پي ٽي آءِ جي  مڪمل پٽڀرائي سان جڙيل آھي ۽ اصل حڪمراني پي ٽي آءِ جي ئي آھي  ن ليگ به وفاق ۾ پ پ پ جي پٽڀرائي سان جڙيل آھي ۽ سنڌ ۾ پ پ پ حڪمران آھي بلوچستان جو حال  جيڪو وفاق ۾ انھن کي سلامي ! وارن  جي حڪومت ھلي پئي ، خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آھي ڏسجي  ته لانگ مارچ اصل ۾ منو پاڪستان ، حڪومت پاڪستان جي خلاف ڪري رھيو آھي جيڪو حقيقي آزادي جي نالي سان ڪري رھيو آھي . ھتي ھي ڳالھه سمجھڻ جي آھي ساڳي عنوان سان جيڪڏھن سنڌ يا سنڌ سميت ٽئي صوبا مطلب ملڪ جي چوٿاڙ وارو حصو ڪري ھا ۽ رڳو پنجاب حصيدار نه ھجي ھا ته ھن وقت کين غداري وارا سرٽيفڪيٽ ڏئي مٿن غداري جا ڪيس به داخل ٿي چڪا ھجن ھا !

اصل سبب ته مني پاڪستان کي مضبوط ھٿن جي حمايت حاصل رھي ٿي تنھن ڪري عمران خان کي ڪو به خطرو ناھي. خطري جي نالي تي ۽ خطرناڪ سين  ڏئي  خطرناڪ ڌرين سان سياسي راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جئين اقتدار واري  رٺل محبوبا ساڻن ھر حال ۾ پرچي پوي ۽ موجوده حڪمرانن کان ناراض ٿي پوي پوءِ ھاڻ ٿڏي تي نه سھي ايندڙ وقتن ۾ ئي سھي پر آسرو ته پڪو ملي وڃي.  لانگ مارچ جو مقصد حاصل ٿي ويندو پوءِ تاريخ به اچي ويجھي پھچندي آخرڪار چونڊون ته ٿيڻيون آھن . چوڻ ۾ چونڊون ھونديون اصل اقتداري ديوي جي آشيرواد ھوندي جيڪا جنھن کي نصيب ۾ اچي ھيلا وسيلا ڪرڻ ڪم عاشقن جو ! ھي راند ناھي عوام جي راند آ اقتداري نشي آورن جي ، تنھن  ڪري عوام پيو ٿو ڏسندو رھي.

ڏسجي ته پلان جا  باقي ڪھڙا مرحلا رھيل آھن ۽ ڪٿي ٿا استعمال ٿين ۽ ظاھر ٿين ھي سڀ خبر عمران خان جي سياسي صلاحڪارن کي ئي آھي جڏھن ته ملڪي سياست ۾ ڪنھن به  تبديلي جو امڪان ناھي .  بس ايترو آھي ھڪڙا اقتدار ۾ ٻيا احتجاج ۾ ۽ احتجاج سان گڏ  انتظار ۾ ! جڏھن ته  عوام ويچارو  لعل جي ليڪي ۾  ۽ ھي ليڪو ايڏو ته مضبوط آھي جو ڊھڻ جو نالو ئي نٿو وٺي .  تنھن ڪري عوام کي ليڪي جي اندر ئي رھڻو آھي . پنھنجي اوقات ۾ رھڻو آھي باقي ھي جھيڙو انھن سان آھي جيڪي جھيڙي ڪرائڻ جا ماھر ليکيا وڃن ٿا، عمران خان جا  سياسي صلاحڪار به ساڳي ڪمپني جا آھن .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.