اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف آءِ اي پاران گڏيل ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ ۽ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) ناڻي جي مٽاسٽا جو غيرقانوني ڌنڌو ڪندڙن خلاف گڏيل ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. ان ڏس ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر ۽ وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي، جي ڊائريڪٽر جنرل اڱاري ڏينهن گڏجاڻي ڪئي ، ان اعليَ سطحي گڏيل اجلاس ۾ ناڻي جي مٽاسٽا جي غيرقانوني سرگرمين جو جائزو ورتو ويو ۽ مٽاسٽا جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف گڏيل ڪارروائي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ مٽاسٽا جي غيرقانوني آپريٽرن ۽ سٽي بازن کي پڪڙڻ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ اثرائتين ڪوششن جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.